JSQM Chairman Sanan Khan Qureshi today protested against the increasing settlement in Sindh.

سنڌ اندر وڌندڙ ڌاري آبادڪاري خلاف اڄ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي, امجد مھيسر, اطھر سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد نسيم نگر کان ميران شاھ روڊ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنھن بعد جلسو پڻ منعقد ڪيو ويو.

صنعان خان قريشي جو چوڻ ھيو تہ سنڌ جا وسيلا ڌاريا استعمال ڪري رھيا آھن ۽ ڌرتي جا وارث بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن سندن چوڻ ھئو تہ حڪمرانن کي گھرجي ڌارين کي نيڪالي ڏيارڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪرائين نه تہ ٻي صورت ۾ ڪراچي اندر تاريخي ريلي ڪڍي ويندي.

جڏنھن تہ ريلي ۾ سنڌ شاگرد سڀا جي مرڪزي اڳواڻ جانب وساڻ، بشير پنهون، آصف رضا مگسي، شهبان ماٽي، مسعود شاھ، طارق سمون ، الاهي بخش بڪڪ، پروفيسر آر بي وسطڙو ، حاجي بابو سنڌي، محبوب خاصخيلي، فرمان ملاح ۽ ٻين ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي.

Indus worldnews

Indus World News - Voice of Indus nations, delivering unbiased news & in-depth coverage of cultural, political & social developments in the Indus region. Stay informed with reliable updates."

https://indusworld.news

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *