Protest in Karachi Against Pakistani Army & Intelligence
Protest in Karachi Against Pakistani Army & Intelligence

سنڌ سجاڳي فورم ڪراچي ڊويزن پاران اڄ تاريخ 29 ھين سيپٽمبر تي شام 5 کان ساڍي ڇھين وڳي تائين، رينجرس پوليس ۽ رياست طرفان ماڙي جلباڻي ۾ قتل ڪيل قومي ڪارڪنن جي قاتلن جي گرفتاري ۽ کين عبرتناڪ سزا ڏيارڻ لاء سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي صدر سارنگ جويي، مرڪزي فائنانس سيڪريٽري سھڻي جويو، ڪراچي ڊويزن اڳواڻ عبدالغني عاجز جي اڳواڻيءَ ڪراچي پريس ڪلب آڏو پلي ڪارڊ کڻي، سخت نعريبازي ڪندي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.

ھن احتجاجي مظاھري ۽ ميڊيا سان  سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي صدر سارنگ جويي، ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻ عبدالغني، جساف جي مرڪزي اڳواڻ آصف ڀُرٽ، ايڊووڪيٽ ماجد گبول، شاگرد اڳواڻ وجاھت جاگيراڻي، عوامي تحريڪ اڳواڻ ساگر مشتاق ۽ سنڌ سجاڳي فورم ضلعي ڪورنگي اڳواڻ شعيب شيخ مخاطب ٿيندي چيو تہ، ”سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ رينجرز، پوليس ۽ سول ڊريس ۾ ملبوس رياستي ايجنسين پاران عام سنڌي ڳوٺاڻن مٿان سڌيون گوليون ھڻي 5 ڄڻن کي شھيد ڪري ۽ ڪيترن ئي پورھيتن ۽ سنڌي نياڻين کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو آھي، اسان ان بربريت ۽  حملي کي سڌي سنئين رياستي دھشتگردي سمجھون ٿا، ۽ اھو بہ سمجھون ٿا تہ ان واقعي مان اھو ظاھر ٿي ويو تہ ڌاڙيلن ۽ بدامني جي آڙ ۾ سنڌ جي ڪچي جي 30 لک ايڪڙ زمين تي قبضي ڪرڻ ۽ قومي تحريڪ کي ڪچلڻ سان گڏوگڏ عام سنڌي ماڻھن کي خوفزدہ ڪري لڏائڻ جي سازش آھي.

 ان کان اڳ ۾ اھو تجربو سنڌ جي دل ۽ دماغ ڪراچي ۾ آزمايو ويو، پھرين دھشتگردي ۽ بدامني جا واقعا ڪرائي انھن جو جواز ڄاڻائي 3 مھينن لاءِ رينجرز گھرائي وئي، جيڪا گذريل ڏھن سالن کان وڌيڪ عرصي کان سنڌ ۽ ان جي بجيٽ تي قابض ڪئي وئي آھي ۽ ان جي ھٿان سنڌ جي قومي تحريڪ کي ڪچليو پيو وڃي، سون جي تعداد ۾ قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ انھن جا چچريل لاش ڏيڻ کان وٺي سنڌي ڳوٺن مٿان حملن ۾ بہ ملوث رھي آھي، ان ڪري اسان مطالبو ٿا ڪيون تہ ھڪدم رينجرز کي سنڌ مان نيڪالي ڏئي، ماڙي جلباڻي واقعي جي ايف آءِ آر ڊي جي رينجرز، ايس ايس پي نوابشاھ ۽ حد جي ايس ايڇ او مٿان دھشتگردي ۽ قتل جي قلمن تحت داخل ڪري کين .عبرتناڪ سزا ڏني وڇي نہ تہ ٻي صورت ۾ ھيءَ احتجاجي تحريڪ جاري رھندي

ان موقعي تي سنڌ سجاڳي فورم ڪراچي ڊويزن پاران اھو اعلان ڪيو ويو تہ، ھن آچر 1 ھين آڪٽوبر 2023ع جي شام 5 وڳي ٽي تلوار ڪلفٽن ڪراچيءَ تي ڌرڻو ھنيو ويندو، ۽ سنڌ جي شعور کي، .وڪيلن کي ۽ قومي ڪارڪنن کي شرڪت جي اپيل ٿا ڪيون

ھن احتجاجي مظاھري ۾ سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي صدر سارنگ جويي، مرڪزي فائنانس سيڪريٽري سھڻي جويو، ڪراچي ڊويزن اڳواڻ غني عاجز، ضلعي اڳواڻ شعيب شيخ، مجاھد شيخ، تعلقي اڳواڻن اعجاز، عثمان، وڪيلن خليل انصاري، مختيار سيمائر، ماجد گبول، جساف اڳواڻ آصف ڀُرٽ، ھوشو انڙ، لطيف ٻگھيي، جساف آريسر اڳواڻن عطاءُ للہ شيخ، مجيب ميربحر، شاگرد اڳواڻ وجاھت جاگيراڻي، عوامي تحريڪ اڳواڻ ساگر مشتاق، قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ سچن، قومي ڪارڪنن شرڻ ڪمار، سڪندر چاچڙ، فورم جي ميمبرن سلطان سنڌي، صابر سنڌي، اڪبر .سنڌي، .فيآض سنڌي، ۽ ٻين ساٿين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

Protest in Karachi Against Pakistani Army & Intelligence

Indus worldnews

Indus World News - Voice of Indus nations, delivering unbiased news & in-depth coverage of cultural, political & social developments in the Indus region. Stay informed with reliable updates."

https://indusworld.news

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *