


ھر طرف ميڊيا ۾ جسٽس قاضي فائز عيسا جي اٿڻ ويهڻ کائڻ پيئڻ خانداني پسمنظر ۽ حڪمرانن جي گروھي مفادن جي ٽڪرا جي عدالتي فيصلن کي موضوع بڻائي، ماڻهن کي ان جي شخصي سحر ۾ آڻي ،ملڪ جي اصل آئيني مسئلن جيڪي 1940 جي قرارداد مطابق ملڪ جي وفاقي سسٽم سان تعلق رکندڙ آھن انھن کان لاتعلق ڪري ، ھن جي جادو ۾ ملڪ جي مئل عدالتي نظام کي ساھ کڄندڙ ڏيکاريو وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
پاڪستان جو عدالتي نظام ھجي پارليامينٽ يا انتظامي نظام، انھن کي 1940 جي قرارداد سنڌي قوم جي قومي انساني حقن جي آزاديءَ ۾ ڏسڻو آھي ، مان اھو نٿو چوان ته سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس قاضي فائز عيسا يا ڪنھن ٻئي جي قد ڪاٺ کي سائين جي ايم سيد جي قومي آزاديءَ جي سياسي نظرئي جي قانون جي روشنيءَ ۾ پرکيو، پر جنھن پاڪستان جي آئين سان وفاداري جو قسم نامو کڻي آيو آھي ان جي روشنيءَ ۾ عالمي عدالتي اصولن مطابق ڏسڻ گھرجي.
آئين مطابق جيڪي سنڌ جا حق آھن، جن جي آئين ۾ يقيني دھاني ڪرائي وئي آهي ،انھن جي ڀڃڪڙي ٿي رھي آھي يا ٿي آھي، انھن جو نوٽيس وٺي عمل درآمد ڪرائي ٿو ..
سنڌ سان مالياتي
معاملن ، آدشماري ۾ زيادتي، سپريم ڪورٽ مطابق سنڌ ۾ غير قانوني غير ملڪين جي آبادي تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرائڻ، ملڪ جي پاليسي ساز ادارن ۾ سنڌي ماڻهن جي نمائندگي ، يقيني بڻائڻ ،سنڌ ۾ سنڌي ٻولي ،سپريم ڪورٽ ۾ اردو ٻولي جيڪا ملڪ جي ٽي سيڪڙو آباديءَ جي آھي، ان لاء ڳالھ ڪن ٿا پر علائقن جي مقامي ٻولي جنھن جي ترقيءَ لاءِ آئين ۾ چيل آهي انھن ائيني مسئلن کي نظر انداز ڪرڻ مان سمجھڻ گھرجي ته ڪھڙي قسم جي آئين جو قسم کڻي لاڳو ڪرڻ ايندا آهن.
گزيل پنجھتر سالن کان پاڪستان جو عدالتي نظام ھلندو رھيو آھي ،تيئن ھلي پيو ، جن ملڪن ۾ بدديانتي تي ٻڌل ملڪي نظام ھوندو آھي اتي مختلف ادارن ۾ بنيادي سڌارن آڻڻ بجاءِ وقت به وقت ڏيکاء جو ڊرامو ڪيو ويندو آھي، تيئن پاڪستان جي عدالتي نظام ماڻهن جي نظرن ۾ پنھنجو وقار وڃائي لاشو ٿي ويو آهي ان کي ڪنهن نه ڪنھن .مستري کي موقعو ڏئي ان جو نئون رنگ روغن ڪري ماڻھن جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ لاءِ مارڪيٽ ۾ آندو ويندو























































































































































































