

جيئي سنڌ فريڊم موومينٽ (جسفم)
جيئي سنڌ فريڊم موومينٽ طرفان 17 جنوري 2025 تي رهبر سنڌ، مفڪر اعظم سائين جي ايم سيد جي
121هين سالگرهه جي موقعي تي شيخ عبدلامجيد سنڌي چوڪ کان سائين جي ايم سيد جي مزار تائين
ريلي ڪڍي ويندي. سنڌي قوم کي دعوت ڏني وڃي ٿي ته پنهنجي رهبر جي فڪر سان وچن ورجائين.
.جسفم جو موقف واضح آهي: نه کپي پاڪستان، سنڌ گهري ٿي آزادي!

جيئي سنڌ متحدا محاذ (جسمم)
جيئي سنڌ متحدا محاذ سنڌ جي باشعور عوام، ڀائرن ۽ ڀينرن کي اپيل ڪري ٿو ته 17 جنوري تي سن ۾
گڏ ٿي دنيا کي اهو پيغام ڏيو ته اسان پاڪستان جي تسلط کي قبول نه ٿا ڪريون. سنڌوديش جي آزادي
اسان جو قومي مقصد آهي. سن سنڌ جو سياسي ڪعبو آهي، اچو ته گڏجي هن جدوجهد کي مضبوط
ڪيون.

جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم مرڪز)
12 جنوري 2025 تي چيئرمين هائوس گلشن حديد ڪراچي ۾ جسقم چيئرمين محترم صنعان خان
قريشي جي صدارت هيٺ ڪراچي ڊويزن جو اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ 17 جنوري تي رهبر سنڌ،
سائين جي ايم سيد جي 121هين سالگرهه جي موقعي تي وڌ کان وڌ شرڪت لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا.
چيئرمين پاران سموري سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي وئي ته هو وڏي انگ ۾ سن پهچي پنهنجي رهبر
جي فڪر سان وفاداري جو اظهار ڪن. جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم مرڪز) ان جدوجهد کي اڳتي
وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي.
هلو، هلو، سن هلو، جيئي سنڌ، جيئي سائين جي ايم سيد!
سنڌوديش زنده باد!

جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي
جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي قيادت هيٺ سنڌ جي سڀني پارٽين ۽ قومي ڪارڪنن کي 17 جنوري
2025 تي سن ۾ سياسي جلسي ۾ شرڪت جي اپيل ڪئي وئي آهي. هي اجلاس رهبر ڪميٽي جي
سربراهه محترم اسلم خيرپوري جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سائين جي ايم سيد جي
فڪر کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هي جلسو تاريخي ثابت ٿيندو.
هلو، هلو، سن هلو!
جيئي سنڌ، جيئي سائين جي ايم سيد!
سنڌوديش زنده باد!

جيئي سنڌ تحريڪ (مرڪز)
جيئي سنڌ تحريڪ 17 جنوري تي سائين جي ايم سيد جي 121هين سالگرهه جي موقعي تي باشعور
سنڌين کي دعوت ڏئي ٿو ته سن ۾ گڏ ٿي پنهنجي رهبر جي فڪر کي زنده ڪن ۽ آزادي جي جدوجهد
کي اڳتي وڌائن. سائين جي ايم سيد اسان جي قومي اڳواڻ آهي، ۽ سندس فڪر جي روشني ۾ ئي
سنڌوديش جو مستقبل جڙندو.

جيئي سنڌ قومي محاذ (شهيد بشير خان قريشي)
جيئي سنڌ قومي محاذ (شهيد بشير خان قريشي) طرفان 17 جنوري تي انڊس هاءِ وي سن باءِ پاس کان
ريلي ڪڍي ويندي جيڪا سائين جي ايم سيد جي مزار تي پهچندي. ان موقعي تي پارٽي قيادت جي
سرواڻي هيٺ ڪيڪ ڪاٽيو ويندو ۽ ايندڙ جدوجهد جو اعلان پڻ ڪيو ويندو. ڪارڪنن کي اپيل آهي
ته مرڪزي قيادت سان گڏجي شرڪت ڪن.

سنڌ سجاڳي فورم
سنڌ سجاڳي فورم طرفان 17 جنوري تي 2 وڳي منجهند سن شهر کان سائين جي ايم سيد جي مزار تائين
ريلي ڪڍي ويندي. سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي ورثي کي بچائڻ ۽ سنڌوديش جي آزادي لاءِ هي
ريلي هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي. سنڌي عوام کي اپيل آهي ته ان ريلي ۾ شرڪت ڪريون.

سنڌ سڀا
سنڌ سڀا مرڪز 17 جنوري تي سائين جي ايم سيد جي جنم ڏينهن تي سنڌي قوم کي اپيل ڪري ٿو ته
سن ۾ گڏجي هڪ آواز ۾ پنهنجي آزادي جي خواهش جو اظهار ڪيو وڃي. هي ڏينهن اسان لاءِ قومي
جدوجهد کي نئين هدايت ڏيڻ جو ڏينهن آهي. اچو ته سن ۾ گڏ ٿي پنهنجي رهبر جي سالگرهه ملهائين.


























































































































