

پاڪستاني ايجنسين پاران ڪيترن ئي مهينن تائين کنڀي گم ڪيل ۽ بعد ۾ پنجاب جي جيل مان ضمانت تي آزاد ٿيندڙ عرفان زهراڻي سندس وڪيل ايڊوڪيٽ محب آزاد لغاري پنجاب مان ٻيهر پاڪستاني ايجنسين هٿان کنڀي گم ڪيا ويا آهن، سڄي سنڌ ۾ ڀرپور احتجاج جو اعلان ڪيون ٿا : سارنگ جويو
تفصيل موجب سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي صدر سارنگ جويو هنگامي طور پنهنجو لائيو وڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني رياست ۽ ان جي ايجنسين سنڌين سان ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي۔ پاڪستاني ايجنسين هٿان کنڀي گم ڪرڻ کانپوء ڪيترن ئي مهينن تائين کنڀي ڪرڻ ۽ بعد ۾ پنجاب جي جيل ۾ قيد رهندڙ عرفان زهراڻي اڄ جيئن ئي پنجاب جي صادق آباد جيل مان ڪوڙي ڪيس مان باعزت بري ٿيو آهي ته جيل جي ٻاهران کيس سندس وڪيل ايڊوڪيٽ محب آزاد لغاري سميت کنڀي گم ڪيو ويو آهي.
عرفان زهراڻي انٽر جو هڪ معصوم شاگرد آهي ۽ سنڌ سجاڳي فورم جو سرگرم ڪارڪن پڻ آهي. جڏهن ته ايڊوڪيٽ محب آزاد لغاري سنڌ هائي ڪورٽ ۽ حيدرآباد بار ڪائونسل جو مشهور هڪ سرگرم وڪيل اڳواڻ آهي۔ ٻنهي کي پنجاب مان کنڀي گم ڪرڻ سنڌ ڏانهن هڪ پيغام آهي ته پنجاب سنڌ سان ڪيئن هميشھ وانگر ظلم جي انتها ڪندو اچي ٿو.
اسان سنڌ سجاڳي فورم ، وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ ۽ عرفان زهراڻي جي فيملي پاران ڪراچي گهگهر ڦاٽڪ تي عرفان زهراڻي ۽ ايڊوڪيٽ محب آزاد لغاري جي آزاديء لاء لڳاتار ڌرڻي هڻڻ جو اعلان ڪيون ٿا۔ جڏهن ته ساڳئي وقت اسان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ، هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان ، ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ سنڌ جي سموري وڪيل برادري کي پڻ اپيل ڪيون ٿا ته اسانجو ساٿ ڏين ۽ ايڊوڪيٽ محب آزاد ۽ عرفان زهراڻي جي آزاديء لاء آواز اٿارين ۽ سنڌ جي قومپرست قيادت ۽ سمورن قومي ڪارڪنن کي پڻ اپيل ڪيون ٿا ته اهي هن ظلم خلاف اسانجو ساٿ ڏئي روڊن تي نڪرن.
سارنگ جويو (مرڪزي صدر)
سنڌ سجاڳي فورم






















































































































































































