World Sindhi Congress held protest in Geneva.
World Sindhi Congress held protest in Geneva.
WhatsApp Image 2023 09 28 at 4.19.53 AM
WhatsApp Image 2023 09 28 at 4.19.54 AM
WhatsApp Image 2023 09 28 at 4.19.55 AM

سنڌ ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين خلاف ورلڊ سنڌي ڪانگريس پاران 26 سيپٽمبر تي جنيوا ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن بابت ڪائونسل (UNHRC) جي 54 هين اجلاس جي موقعي تي احتجاج ڪيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي اڳواڻن ڪئي، جنهن ۾ بلوچستان، خيبر پختونخوا ۽ پاڪستاني قبضي هيٺ آيل ڪشمير جا جلاوطن ٿيل اڳواڻ پڻ شريڪ ٿيا.

ان سان گڏ يورپ جي مختلف ملڪن ۾ انساني حقن جو دفاع ڪندڙ تنظيمن جا نمائندا پڻ هن احتجاج جو حصو هئا. هن احتجاج جو مک مقصد پاڪستاني رياست پاران سنڌي ماڻهن جي حقن جي مسلسل ڀڃڪڙين بابت گڏيل قومن جي اداري ۽ عالمي برادري کي آگاهي ڏيڻ هو. سنڌ اندر ٿيندڙ ظالماڻين ڪارروائين جو خاص طور تي ذڪر ڪيو ويو، جن ۾ جبري گمشدگين، عدالتن کان مٿانھن قتلن، اقليتن سان ٿيندڙ ظلمن ۽ مقامي ذريعن جي ڦرلٽ جهڙيون انساني حقن جون ڀڃڪڙيون شامل هيون.

اتي تقريرون ڪندڙن ان ڳالھ کي اجاگر ڪيو ته سنڌين، بلوچن، پشتونن ۽ ڪشميرين کي پاڪستاني رياست پاران هڪ منصوبابندي تحت دٻائي رکيو ويو آهي، جنهن لاءِ ذڪر ڪيل قومن خلاف ڪيترن ئي رياستي ڏوهن جا مثال پيش ڪيا ويا.

ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي نمائيندن اهو واضح ڪيو ته اتان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي. انهن سنڌ جي سياسي ڪارڪنن جي جبري گمشدگين، قتل، سنڌي هندن جي نسل ڪشي ۽ هزارين سال پراڻي ڪارونجهر جبل جي کوٽائي تي پنهنجين ڳڻتين جو اظهار ڪيو.

هن احتجاج ۾ سنڌ جي آدمشماري جي انگن اکرن ۾ ڦيرڦار، بيٺڪيتي انداز ۾ پاڪستاني فوج ۽ ان جي ساٿارين پاران سنڌ جي زمينن تي قبضو ڪرڻ ۽ سنڌ جي تاريخي، سياسي ۽ انساني حقن لاءِ اٿندڙ آواز کي دٻائڻ جهڙن مسئلن کي پڻ اجاگر ڪيو ويو.

ان موقعي تي تازو قتل ٿيل ڏهن سالن جي فاطمه ڦرڙو، پروفيسر اجمل ساوند، ستن سالن جي پريا ڪماري، ناظم جوکيو ۽ انصاف جو انتظار ڪندڙ پروفيسر نوتن لال کي پڻ ياد ڪيو ويو.

تقريرون ڪندڙن گڏيل طور تي آواز اٿاريندي چيو ته ان قسم جون انساني حقن جي ڀڃڪڙين واريون ڪارروايون رياست اهڙي بي خوفي سان ڪري رهي آهي، جنهن ۾ ظلم جو شڪار ٿيندڙ لاءِ انصاف جو ڪو به دڳ نٿو بچي. انساني حقن جي اهڙين ڀڃڪڙين کي روڪڻ لاءِ گڏيل قومن جي اداري ۽ عالمي برادري کي اپيل ڪئي وئي ته اهي مداخلت ڪري سنڌي ماڻهن کي وڌيڪ ظلم کان بچائين.

Indus worldnews

Indus World News - Voice of Indus nations, delivering unbiased news & in-depth coverage of cultural, political & social developments in the Indus region. Stay informed with reliable updates."

https://indusworld.news

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *