The Developent Dynamics in Sindh
The Developent Dynamics in Sindh

سنڌ اڀياس اڪيڊمي، زيبسٽ يونيورسٽي ڪراچي پاران، ڊولپمينٽ سيڪٽر جي متحرڪ ساٿي، نوجوان شاعر ۽ ليکڪ جاويد سوز ھالائي جي ڪتاب ”دي ڊولپمينٽ ڊائنامڪس ان سنڌ“ جي مھورتي تقريب، زيبسٽ يونيورسٽيءَ جي 154 بلڊنگ جي ميڊيا اسٽوڊيو ۾ ٿي گذري.

ھن تقريب جي صدارت ناليواري ليکڪ، سماجي خدمتگار، سِگا جي باني، ۽ زيبسٽ يونيورسٽي جي بورڊ آف گورنرز جي ايڊوائيزر ڊاڪٽر سليمان شيخ ڪئي، جڏھن تہ خاص مھمانن ۾ مئڊم مھتاب اڪبر راشدي، پروفيسر اعجاز قريشي، عرفان .مفتي ۽ مئڊم مھناز رحمان شامل ھئا

، جڏھن تہ مقررن ۾ جاويد سوز ھالائي، ڊاڪٽر اسماعيل ڪنڀر، ذوالفقار ھاليپوٽو، اعجاز خواجہ ۽ ڊاڪٽر ايوب شيخ ڳالھائيندي چيو تہ، ”ڊولپمينٽ سيڪٽر تي ڪم تمام گھٽ ٿيو آھي، ۽ اھا خوشيءَ جي ڳالھ آھي تہ سنڌ جي ھڪ نوجوان شاعر ۽ ڊولپمينٽ سيڪٽر جي ساٿي ھي شاندار ڪيس اسٽڊيز پيش ڪيو آھي، افسوس جي ڳالھ اھا آھي تہ اسان وٽ حڪومتي سطح تي ڊولپمينٽ سيڪٽر تي ڪم نہ ھجڻ جي برابر آھي پر انفرادي طور ڪجھ فردن جو تمام گھڻو ڪردار آھي، جن ۾ عارف حسن، قيصر بنگالي، سليمان جي ابڙو، ڊاڪٽر سليمان شيخ، اسماعيل ڪنڀر، عرفان مفتي، اسحاق سومرو، اعجاز خواجہ ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا.

ھن وقت ضرورت ان شيءِ جي آھي تہ اسان جي نوجوان نسل کي تعليم سان گڏ ڊولپمينٽ سيڪٽر ۾ اڳتي اچڻو پوندو تہ جيئن ٽيڪنالاجي فيلڊ جي ذريعي ڊولپمينٽ سيڪٽر ۾ انقلاب آڻي سگھجي. ھن تقريب جي ڪاروائي سنڌ اڀياس اڪيڊمي جي ريسرچ ايسوسيئيٽ امين جويي ھلائي، جڏھن تہ ھن پروگرام کي ترتيب ڏيڻ ۾ ڊين فئڪلٽي آف سوشل سائنسز ۽ ايڊيوڪيشن ڊاڪٽر رياض شيخ ۽ سنڌ اڀياس اڪيڊمي جي سينيئر ريسرچ ايسوسيئيٽ سارنگ جويي جو ڪردار رھيو، پروگرام جي آخر ۾ زيبسٽ يونيورسٽيءَ جي صدر مئڊم شھناز وزير علي، آيل سمورن مھمانن ۽ مقررن جا ٿورا مڃيا.

ان موقعي تي ڊولپمينٽ سيڪٽر، تعليمي سيڪٽر ۽ ٻين مڪتبہءِ فڪر سان لاڳاپيل ساٿين، اديبن، ليکڪن، سماجي ۽ سياسي ڪارڪنن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جن ۾ نصير مرزا، اسحاق سومرو، ڊاڪٽر فرحان شيخ، عبداللہ سولنگي، اظھر ٻانڀڻ، ورثا پيرزادو، شھربانو ڪاڪا، عابد مھر، رياض ابڙو، ناصر سومرو، ساگر مشتاق، نسرين کھڙو، بدالغفور، انور سولنگي، ھالار جتوئي، موھن مدھوش، فقير سليم، ۽ ٻيا شامل ھئا.

Indus worldnews

Indus World News - Voice of Indus nations, delivering unbiased news & in-depth coverage of cultural, political & social developments in the Indus region. Stay informed with reliable updates."

https://indusworld.news

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *