

اڄ 29 سيپٽيمبر 2023 سنڌ يونائيند پارٽي جي مرڪزي صدر سيد ذين شاھ جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض چانڊيو ۽ نواز شاھ ڀاڏائي سنڌ سڀا سربراھ انعام عباسي ۽ وارثن پاران لڳل ڌرڻي ۾ شھيد ٿيلن جا لاش رکي اڄ ٻي ڏينھن بہ ڌرڻو جاري قاتلن جي مٿان ڪيس داخل ٿيڻ ۽ گرفتارين تائين احتجاجي ڌرڻو جاري رھندو.

ٻي طرف جسفم جي سڏ تي سڪرنڊ ماڙي ۾ ٿيل رياستي دھشت گردي خلاف احتجاج”یہ جو دھشت گردی ہے اس کے پیچہے وردی ہے”، جي نعرن سان جيئي سنڌ فريڊم موومينٽ جسفم اڳواڻ شعبان لاشاري جي اڳواڻي ۾ جسفم ڪارڪنن ۽ مختلف پارٽين جي ڪارڪنن جسفم جي احتجاجي سڏ تي شھر جو نعرن سان گشت ڪري پريس ڪلب ٿرڙي محبت اڳيان احتجاجي مظاھرو.
سنڌ ايڪشن ڪميٽي طرفان سڀاڻي سموري سنڌ ۾ احتاجي مظاھرن, ڌرڻن ۽ سموري سنڌ جام ڪرڻ جو اعلان ڪري
ڇڏيو سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڪرنڊ ۾ ٿيل رياستي دھشت گردي خلاف ڏنل احتجاجن جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا جسفم سربراھ سھيل ابڙو جسفم ڪارڪن انھن احتجاجن ۾ ڀرپور شرڪت سان گڏ سموري سنڌ ۾ پريس ڪلبن اڳيان احتجاجي مظاھرا ڪن.
جيئي سنڌ فريڊم موومينٽ جسفم مرڪز






















































































































































































