

سنڌ سجاڳي فورم ڪراچي ڊويزن پاران اڄ تاريخ 29 ھين سيپٽمبر تي شام 5 کان ساڍي ڇھين وڳي تائين، رينجرس پوليس ۽ رياست طرفان ماڙي جلباڻي ۾ قتل ڪيل قومي ڪارڪنن جي قاتلن جي گرفتاري ۽ کين عبرتناڪ سزا ڏيارڻ لاء سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي صدر سارنگ جويي، مرڪزي فائنانس سيڪريٽري سھڻي جويو، ڪراچي ڊويزن اڳواڻ عبدالغني عاجز جي اڳواڻيءَ ڪراچي پريس ڪلب آڏو پلي ڪارڊ کڻي، سخت نعريبازي ڪندي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.

ھن احتجاجي مظاھري ۽ ميڊيا سان سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي صدر سارنگ جويي، ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻ عبدالغني، جساف جي مرڪزي اڳواڻ آصف ڀُرٽ، ايڊووڪيٽ ماجد گبول، شاگرد اڳواڻ وجاھت جاگيراڻي، عوامي تحريڪ اڳواڻ ساگر مشتاق ۽ سنڌ سجاڳي فورم ضلعي ڪورنگي اڳواڻ شعيب شيخ مخاطب ٿيندي چيو تہ، ”سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ رينجرز، پوليس ۽ سول ڊريس ۾ ملبوس رياستي ايجنسين پاران عام سنڌي ڳوٺاڻن مٿان سڌيون گوليون ھڻي 5 ڄڻن کي شھيد ڪري ۽ ڪيترن ئي پورھيتن ۽ سنڌي نياڻين کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو آھي، اسان ان بربريت ۽ حملي کي سڌي سنئين رياستي دھشتگردي سمجھون ٿا، ۽ اھو بہ سمجھون ٿا تہ ان واقعي مان اھو ظاھر ٿي ويو تہ ڌاڙيلن ۽ بدامني جي آڙ ۾ سنڌ جي ڪچي جي 30 لک ايڪڙ زمين تي قبضي ڪرڻ ۽ قومي تحريڪ کي ڪچلڻ سان گڏوگڏ عام سنڌي ماڻھن کي خوفزدہ ڪري لڏائڻ جي سازش آھي.























































































































































































