20230723 221629 scaled
20230723 190311 1

ننڊي کنڊ ۾ پاڪستان جي نالي تي انگريز سامراج جي باقيات ،جيڪا پنجابي جنرلن تي مشتمل پنھنجي تسلسل کي جيئن جو تيئن قائم ڪيو اچي پئي ،  ان لاءِ سڀ کان پهرين انھن پنڊي جي پاليسي ساز ادارن ۾ سنڌين جي داخلا تي پابنديءَ کي جيئن جو تيئن قائم رکيو جنھن جي نتيجي ۾ پنجھتر سالن جي تاريخ ۾ سنڌي ڪنھن اھم اداري جو  سربراهه ڪونه ٿي سگهيو آهي…

IMG 20230723 193032 277
20230723 190320

جنھنڪري  ملڪ جي جاگرافيائي سرحدن سان گڏوگڏ نظرياتي سرحدن جنم ورتو آهي. نظرياتي سرحدن جي حفاظت لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ ، سنڌي جي تاريخ ڪلچر کي ختم ڪرڻ ضروري آهي ان لاءِ پنجابي جوڌا خاص ڪري اسلام آباد مان موڪليل وائسراءِ  ملڪي سلامتيءَ جي نالي ڏينهن رات سرگرم ھوندو آھي …
ملڪي سلامتيءَ جي نالي ھر ان عمل جي حمايت ڪئي ويندي آهي جنهن سان ڪوڙن ڊوميسائلن جي زريعي غيرقانوني غير ملڪين کي نوڪرين جي بھاني آباد ڪري اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ، اسڪولن مان سنڌي ٻولي کي ختم ڪرڻ کان سنڌي ڪلچر تاريخ کي مٽائڻ تائين فھليل آھي ،

IMG 20230723 210611 121

ڪارونجهر جي  جبلن سان سنڌ جي تاريخ ثقافت جڙيل آهي ان لاء ملڪي سلامتيءَ لاءِ ضروري آهي ته ان کي ختم ڪيو وڃي، جيئن  سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتابن تان موھن جي دڙي جي نشاني ڏاند جو لوگو مٽائي جنگي مورچو فتح ڪيو ويو آھي….ان لاءِ پ پارٽيءَ جي ويڪائو وڏيرن جي اقتدار جي سلسلي کي قائم رکڻ لاءِ ڪارونجھر جبل کي ختم ڪرڻ جو شرط رکيل آهي … پ پارٽي پاڻ کي ملڪي سلامتيءَ لاءِ سرخرو ثابت ڪرڻ لاءِ  ڪارونجھر جبل تي حملو ڪري ملڪ جي نظرياتي سرحدن جي جنگ وڙھي پئي…..

FB IMG 1690125790331

Indus worldnews

Indus World News - Voice of Indus nations, delivering unbiased news & in-depth coverage of cultural, political & social developments in the Indus region. Stay informed with reliable updates."

https://indusworld.news

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *