پڌرائي..
جيئي سنڌ قومي محاذ مرڪز
ڪراچي، 12 جون 2023ع

ساحلي پٽي ۾ آباد لکين ماڻهن کي سڀ سهولتون ڏئي محفوظ هنڌن تي پهچايو وڃي، جسقم چيئرمين

طوفان ۾ ٺٽو، سجاول بدين ضلعو سخت متاثر ٿيندا، اُپاءُ نه ورتا ته وڏو نقصان ٿي ويندو، صنعان خان قريشي

جڏهن ته سنڌ ۾ بدامني خلاف جسقم مرڪز پاران گهوٽڪي ضلعي ۾ 15 جون تي ريلي ڪڍي ويندي،

ڪراچي( )جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي پڌرائي م چيو آهي “بپر جواءِ” سامونڊي طوفان جي امڪاني نقصان کان بچڻ لاءِ سرڪار کي ٽڪڙا اُپاءُ وٺڻ گهرجن، مرڪزي پڌرائي ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي وڌيڪ چيو آهي ته سمنڊ جي ساحلي پٽي ۾ آباد لکين ماڻهن کي محفوظ هنڌ تي رهائي انهن جي کاڌ خوراڪ سميت سمورين بنيادي سهولتن جو بندوبست ڪيو وڃي، هن چيو ته سرڪار جي رڳو اها ذميواري ناهي ته طوفان جي هاءِالرٽ جاري ڪري سڪون سان ويهي رهي، سامونڊي طوفان ۾ امڪاني طور تي سخت متاثر ٿيندڙ ڪيٽي بندر، جاتي، چوهڙ جمالي، کارو ڇاڻ، گهوڙا ٻاري، سجاول سميت بدين جي سامونڊي پٽي جي آس پاس وارن ڳوٺاڻن کي اوليت جي بنياد تي لڏپلاڻ ڪرائي سرڪار جي نگراني ۾ سڀ سهولتن سان انهن کي محفوظ هنڌن تي رهايو وڃي جيئن ڪنهن وڏي نقصان کان بچي سگهجي. هن چيو جيڪڏهن تڪرا اُپاءُ نه ورتا ويا ته وڏو نقصان ٿي ويندو.

ديدار شام
جسقم مرڪزي انفارمیشن سيڪريٽري
12 جون 2023ع Deedarshaam@gmail.com

Indus worldnews

Indus World News - Voice of Indus nations, delivering unbiased news & in-depth coverage of cultural, political & social developments in the Indus region. Stay informed with reliable updates."

https://indusworld.news

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *