

پروفيسر اعجاز قريشي جي پنھنجي تحقيق ٿيل ڪتاب ڪراچي جي ڪيس ۾ بيان ٿيل ھيٺين تاريخي سچائي کي اڄ جي دور جي روشنيءَ ۾ سمجھون.
1947 ۾ سنڌ حڪومت پاڪستان جي نئين وفاقي حڪومت کي 28 ڪروڙ رپيا ادا ڪيا. ٻيهر، هن کي 33 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا.
(ون يونٽ جي قيام تي اولهه پاڪستان حڪومت) ان وقت پنجاب جي مالي حالت خراب هئي ۽ 96 ڪروڙ رپين جي قرض هيٺ هئي. ايڪھٺ ڪروڙ روپيا سنڌ حڪومت کان 3 سيڪڙو وياج تي قرض طور ورتا ويا هئا جيڪي واعدي مطابق اڄ تائين واپس نه ڪيا ويا آهن.
1947کان 1955 تائين سون جي تولي جي قيمت 57 روپيا ھئي. اڄ سون جي تولي جو ريٽ 225000 روپيا آھي. 1948 جي ريٽ 57 روپين جي حساب سان 61 ڪروڙ ۾ ھڪ ڪروڙ 70 لک ھڪ ھزار 7 سئو چوونجاھ تولا بيھي ٿو.. جنھن کي اڄ جي مارڪيٽ ريٽ ۾ تبديل ڪبو ته . 10,701,754.385965 ×225,000 =2,407,894,736,842.1 24 کرب 7 ارب 89 ڪروڙ 47 لک 36 ھزار 8 سئو 42 روپيا اڄ جي مارڪيٽ ريٽ سان ،جيڪڏھن ان جي پويان سنڌ حڪومت سان ان وقت ڪيل 3 سيڪڙو وياج جوڙ ڪجي ته پنجابي جنرل پاڪستان جا سڀ اثاثا وڪڻي به قرض ڪونه لاھي سگھندا .
ھن وقت به پاڪستان جي بجيٽ سنڌ جي سٺ سيڪڙو روينيو مان فوجي بجيٽ ،وفاقي حڪومت ، ڪارپوريشن کي سبسڊي ،عالمي قرض جو وياج ،خيبرپختون خواہ ۽ بلوچستان جي بجيٽ وفاقي پول ويندي آهي ،جيڪا آمدني سنڌ مان ٿيندي آهي… پھرين ڏينھن کان اڄ ڏينهن تائين پنجابي جنرلن جو گذر سنڌ جي وسيلن تي آھي ،ان لاءِ منظم نموني سنڌي ماڻهن کي ذھني طور تي مفلوج ڪرڻ لاءِ سنڌي قوم جي خلاف پروپيگنڊا وار ڪئي وڃي ٿي.
اسان باشعور ماڻهن کي ان سازش جي خبر ھجڻ گھرجي ۽ انھن حقيقتن جي بنيادن تي پنھنجي ماڻھن کي منظم متحرڪ ڪيون.






















































































































































































