

( قومي تحريڪ جي رَڙ )
سرواڻ جوکيو
قومي ڪارڪنن لازمي پڙھن
ٿُلهو متارو جسم، قد جو به چڱو ڀلو، ڳالهائڻ ۾ مڪمل آزاد خيال ۽ بي ڊپو، هو اسٽيج تي ڳالهائڻ وقت اياز جي هن سِٽَ جيان هو ته ’زمان ۽ مڪان کان مسلسل نجاتون‘، ڪلين شيو حفيظ قريشي سچ چوڻ جو کَرو هيو، هن کي ڪنهن به شئي جي پرواهه نه هوندي هُئي، کيس قومي تحريڪ جا ڪارڪن ’چاچو‘ ڪري اڄ به سنڀارين ٿا. چاچو حفيظ قريشي جيڪو هڪ سياسي اڳواڻ هجڻ سان گڏ هڪ ڪامياب وڪيل ۽ دانشور پڻ هيو، تنهن بابت چاچو حفيظ قريشي هڪڙي تقرير منجهه منفرد انداز سان چوي ٿو ته: ”ڀائرو! مون کي خبر نه آهي، تاج جوئي کي خبر هوندي ته آئون دانشور به آهيان ۽ قومي اڳواڻ به آهيان، پر مون کي ڪابه خبر نه آهي ته آئون پاڻ ڇا آهيان! اها هڪڙي عجيب ماجره آهي ته، ماڻهوءَ کي پاڻ خبر نه هجي ته آئون ڇا آهيان ۽ ٻين کي خبر هجي ته هِي ڇا آهي“. حفيظ قريشي اسٽيج جي بي تاج بادشاهه هيو، هن جي تقرير مزاحيه هوندي به فِڪر سان سرشار هوندي هُئي، هن وٽ ڳالهاءَ جو ڏانءٌ سڀني کان مختلف هيو. هو سَنَ جي جهور جوڳيئڙي جيئيم سيد سان سڀ کان وڌيڪ هُجائتو هيو. عبدالوحيد ڪٽپر 1945ع ڌاري پنهنجي ڪاليج ۾ شاگرديءَ جو قصو ٻڌائيندي لکي ٿو ته: ”اسان پهرينءَ منزل تي ليڪچر ٻُڌي رهيا هئاسون جو ڪياماڙيءَ طرف بم ڦاٽا جن جو آواز ٻُڌي اسان سڀئي شاگرد ۽ شاگردياڻيون لا ڪاليج ۾ هيٺ لهي آياسين. اهي بمن جا ڌماڪا اهي هيا جو انهيءَ زماني ۾ نيويءَ وارن انگريزن جي خلاف بغاوت ڪئي هُئي. تنهن زماني ۾ انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ سڄي هندوستان ۾ تحريڪ جاري هُئي. سُڀاڻي تي هڙتال ٿي ۽ لا ڪاليج ۽ ڊي جي سنڌ سائنس توڙي آرٽس ڪاليجن جي انهيءَ ٽِواٽي واري ميدان تي ڪاليجن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون اچي گڏ ٿيا هيا. ڪَچڙي منجهند جو وقت هيو، گهڻن ئي مقررن پنهنجيون جوشيلون ۽ انقلابي تقريرون ڪيون، مان ڏٺو ته هڪڙو ڳاڙهو ڳاڙهو سهڻو قداور شخص جڏهن تقرير ڪرڻ لاءِ اُٿيو تڏهن سڀني ماڻهن خاموشي اختيار ڪئي. همراهه جا ڳِٽا ايترا ته ڳاڙها هيا جو ننهن هَڻوس ته جيڪر رت نڪري پويس. تنهن زماني ۾ لائوڊ اسپيڪر ڪونه هوندا هيا، پر حفيظ قريشي صاحب جي بهترين پرسنلٽي ۽ ڀريل ۽ چِٽي آواز تي مجموئي جي ماڻهن وڏي سانت ساڻ کيس پئي ٻُڌو ۽ انهيءَ ڪري سندس تقرير جو اکر اکر چِٽو پيو ٻُڌڻ ۽ سمجهڻ ۾ اچي. حفيظ قريشي صاحب مُٺ ڀيڪوڙيندي جوش وچان چيو ته:
” انگريز اسان جي ڪا ماءُ يا امڙ ناهي جو اسان روئي روئي کائنس پنهنجي ملڪ جي آزادي گهرئون. اسان پنهنجي آزادي انگريزن کان زوريءَ ڇِني وٺنداسين!“.
چاچو حفيظ قريشي، سائين جيئيم سيد سان جُڙيل پهرين رشتي بابت هڪ انٽرويو ۾ چوي ٿو ته: ”مون جهڙي ماڻهوءَ کي جيڪو هڪ ڪامياب وڪيل ۽ پڙهيل ڳڙهيل آهي تنهن کي اِها خبر 1945ع تائين ڪانه هُئي ته آءٌ سنڌي آهيان، 1948ع ۾ سائين جيئيم سيد جي اوچتي خطبي پڙهجڻ کان پوءِ مون کي خبر پيئي ته پاليٽڪس سنڌ جي اڪائونٽ تي ڪرڻ کپي، سنڌ به هڪ ڌُر آهي، هڪ کاتيدار آهي، سنڌ به وارث آهي. سندس اها ڳالهه مون لاءِ اهڙي هُئي ، جيڪا منهنجي قلب ۾، ڪوڪي يا ڪليءَ وانگر کُپي وئي“. وري سائين آصف بالاديءَ جيڪو چاچي حفيظ کان انٽرويو ورتو ان ۾ هڪڙي هنڌ چيائين ته: ”ڪراچيءَ جي ڪٽجي وڃڻ کان پوءِ، شاهه ( سائين جيئيم سيد ) هليو ويو نظربندي ۾، شاهه صاحب نظر بنديءَ ۾ سن ۾ ويهي رهيو. اهو وري فائدو ٿيو، شاهه هڪڙي هنڌ ويهي رهيو، ۽ ماڻهو سڀ پئي آيا، هينئر ته کڻي آءٌ ڊزائين ٿو ڪريان، انهيءَ زماني ۾ ڊزائين جو سوال ئي نه هو، مٽيريل ئي ڪونه هو، هينئر مثال طور آءٌ ٿو چوان ته پنهنجي زمينداري ٿو ڊزائين ڪريان، زمينداري ئي نه هجي، ساڍا ٽي هزار ايڪڙ زمين ئي نه هجي ته ڊزائين آءٌ ڇا جي ڪندس، آهي ئي ڪونه ته ڊزائين ڪريون ڇا ؟ انهيءَ زماني ۾ آصف بالادي نوجوان هو، انهيءَ کي اها خبر ڪانه هُئي ته آءٌ سنڌي آهيان، سائين ( جيئيم سيد ) ڊزائين ڇا ڪري ؟ تنهن ڪري سائين رڳو تبليغ پئي ڪئي. سڀ ڪنهن شئي جو ٽائيم آ.
هڪڙي ماڻهوءَ مون کي چيو ته ” جيئيم سيد ڇا ڪيو “!
مون چيو ته محمد رسول الله ڇا ڪيو ؟ ايران فتح ڪيائين؟ مصر فتح ڪيائين؟ سنڌ يا يونان فتح ڪيائين ؟ اهي ته سڀ ٻين فتح ڪيا. محمد رسول الله ته اهو مدينه مان اچي ڪعبه ۾ پهتو بس، ٻيو ڪيائين ڇا ؟ يا حضرت عيسي ڇا ڪيو ؟ جملي 12 ماڻهو پنهنجا ڪيائين . هي سڄي ڪرسچنٽي عيسي ته ڪانه وڌائي !
چاچو حفيظ سنڌ جي سياست جو اهو رمتو جوڳي هيو، جنهن وٽ منطق هُئي ۽ اهڙا آڱرين تي ڳڻڻ جهڙا آهن، قومي تحريڪ ۾ هن وٽ عشق به هيو پر تنهن ۾ هو وڌ عقلي بنيادن تي ڳالهائيندو هيو. هو هڪڙي ڀيري سچ بابت ڪيڏي نه ڪمال ڳالهه ڪري ٿو ته: ” سچ ڳالهائڻ وڏي ڳالهه نه آهي، پر حڪمت سان ڳالهائڻ وڏي ڳالهه آهي“. هاڻ اوهين سندس فڪري ۽ شعوري اُڏام جو ڪاٿو انهن لفظن منجهان لڳائي سگهو ٿا. هن يگاني مڙس جي سيد سان محبت نرالي هوندي هُئي ۽ ان جي پيش ڪرڻ جو انداز به سندس منفرد هوندو هيو.

هڪڙي جلسي ۾ سائين جيئيم سيد ڏانهن اشارو ڪندي چاچي حفيظ قريشيءَ اوچتو چيو ته: ”شاهه ڪو ماڻهو آ ڇا؟“ جلسي ۾ ويٺل نوجوانن هڪ ٻئي ڏانهن تعجب وِچان نهارڻ شروع ڪيو، ٻئي مهل قريشي صاحب جو گرجدار آواز پنڊال ۾ چوطرف گونجڻ لڳو ته: ”شاهه عام ماڻهو ٿوروئي آهي، شاهه پيغمبرانه صفتن جو مالڪ آهي“. سائين جيئيم سيد کي اڪثر ’جيئيم شاهه‘ سڏيندڙ چاچو حفيظ هڪڙي ڀيري سيد جي جدوجهد ۽ قربانين بابت ذڪر ڪندي چيائين ته: ”سيد تون مسيح آهين، جڏهن به سنڌ تي ڪا ڪُمهلي تڪليف آئي آهي، ته تون ئي صليب تي چڙهيو آهين، سيد! تون ابنِ علي آهين، جڏهن به سنڌ تي ڪا ڪربلا آئي آهي، ته تون ڪُٺو ويو آهين“. سنڌ کيس ’سنڌ جو ابو الڪلام آزاد‘ ڪوٺيو آهي. شيخ اياز، چاچي حفيظ قريشيءَ بابت لکيو آهي ته: ”حفيظ صاحب جو حالات جو تجزيو بلڪل منفرد هوندو آهي ۽ هو ٻئي ڪنهن جي قول کي پنهنجيءَ گفتگوءَ ۾ ورلي ڪم آڻيندو آهي ۽ اهو به فقط رنگ روغن لاءِ. هڪ دفعي مان، حفيظ قريشي ۽ رسول بخش پليجو ڪار ۾ شايد بدين وڃي رهيا هياسين. پليجي ڪارل مارڪس جو حوالو ڏئي چيو ته: ’آئرلينڊ جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندڙ جيتوڻيڪ اشتراڪي نه هيا، پوءِ به اُهي ڪنهن به انگريز اشتراڪيءَ کان بهتر هئا، ڇو ته هو جيڪو سياسي ڪردار ادا ڪري رهيا هئا اُهو مارڪسوادي هو ۽ قومي آزاديءَ جي تحريڪ اُهي قوتون پيدا ڪندي آهي جي اڳتي هلي طبقاتي جدوجهد جي رهبري ڪنديون آهن‘. حفيظ صاحب ڪافي وقت هن کي صبر سان ٻڌي چيو ته: ’پليجا صاحب! هڪڙي ڳالهه ته ٻڌايو. جي مارڪس ائين نه چئي ها ته اوهان ڪنهن به قومي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ اعتبار نه ڪيو ها ڇا؟‘. ٻئي هنڌ به شيخ اياز حفيظ بابت چوي ٿو ته: ”حفيظ صاحب جڏهن تيار ٿي پليٽ فارم تي ايندو آهي، تڏهن ٻڌندڙ هن جي ذهانت ڏسي حيران ٿي ويندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن هو منهنجيءَ شاعريءَ کان اِهو سياسي ڪم وٺندو آهي، جو مان خود حيران ٿي ويندو آهيان. هن کي سنڌي ٻول چال، لَٽي ڪپڙي، کاڌي پيتي ۽ رهڻيءَ ڪهڻيءَ سان بيحد محبت آهي ۽ هن کي جنهن شئي مان به سنڌ جي سُڳنڌ ايندي آهي، ته هو ان تي گهوريو ويندو آهي. سنڌي ٻيرَ هو اهڙي مزي سان کائيندو آهي جو ڄڻ اهي به قومي تحريڪ جو حصو آهن. هو حيدرآباد جو هڪ ڪامياب وڪيل آهي، پر مون هن ۾ مٿئين وچولي طبقي جي ڇنڊ ڦوڪَ، ٺٺ ٺانگر ڪڏهن به نه ڏٺو آهي. سادي لَٽي جي شلوار ۽ ململ جي چولي ۾ هو هزارها ماڻهن جي ميڙَ کي پنهنجي آواز جي اُتار، چڙهاوَ، ٻوليءَ جي ساءَ سواد ۽ ذهانت جي چمڪ ڌمڪ سان موهي ڇڏيندو آهي ۽ ڪيترائي هن کي ڏسي مولانا محمد علي، ابوالڪلام آزاد ۽ عطاءُ الله شاهه بخاريءَ جهڙا مقرر ياد ڪندا آهن“. حفيظ قريشي دل جو نِماڻو ۽ حساس وري ايترو هيو جو ڪڏهن ڪڏهن سنڌ ۽ سنڌين جي حالت تي روئي پوندو هو. تقريرن ۾ مثال طور ڪي عجيب ڳالهيون ڪندو هو، فڪري ڳالهيون، جنهن مان ڪنهن ڳالهه تي نوجوان بي اختيار ٿي ٽهڪ ڏيڻ لڳندا هئا، هو انهن کي ڳالهين کي رونشو ڪري وٺندا هيا ته کيس اکين ۾ پاڻي ڀرجي ايندو هو ۽ اهڙي حالت ۾ نوجوانڙن ڏانهن مخاطب ٿي چوندو هو ته ”کِلو کِلو اڃا ڪاٿي آ، اڃا اوهان کي ته نُهُنڊ به ناهي آئي، پر آئون ڏسان پيو اوهان سنڌين مٿان اهڙا مشڪل ڏينهن اچڻ وارا آهن جو اوهان جا پرڪار ڏسي مستقبل ۾ اوهان مون کي رڳو رئندي نظر ٿا اچو“. اهڙي ريت هو هن سڄي سياسي ماحول کي ڏسندي ۽ قوم جي حالت کي ڏسندي ائين به چوندي ڏسڻ ۾ ايندو هو ته: ”سنڌي سُڌريا يا نه سُڌريا، پر سنڌ ضرور آزاد ٿيندي پوءِ ان جو فائدو سنڌين کي تڏهن ئي پلئه پوندو، جڏهن هو صالح ٿيندا، ورنه سنڌ ته آزاد ٿيندي پر سنڌي آزاد ڪونه ٿيندا“. هو هر قسم جي سياسي جهالت جي خلاف هيو. ان ڪري اياز لکيو آهي ته: ”هو ماضيءَ جي مزار ۾ رهندڙ ڪونه هو پر هو سنڌ جي موجوده جي موجوده حقيقي سان پنج آزمائي جي.ايم سيد جي رهنمائيءَ هيٺ ڪندو هو“. اڪثر مقررن جي اها شئي هوندي آهي ته هو سامهون ويٺل سامعين جي تعريف يا خوشامند ضرور ڪندا آهن، پر هي شخص اهڙو کَرو جو حڪمرانن کا وڌ قوم تي تنقيد ڪندو هيو ۽ جيڪڏهن ڪوئي کيس پڇندو هو ته توهين ائين ڇو پيا ڪريو؟ جيئيم سيد ته قوم کي لطيف جي سِٽُن ۾ سيني سان لايو آهي ته ’جيها جي تيها، مون مارو مڃيا‘ ته هو رڙ ڪندي چوندي هيو ته: ”اڙي! جيها جي تيها مون مارو مڃيا، ان کان وڌيڪ لطيف اڃا ڪهڙي گار ڏئي هنن کي، باقي حڪمران ته آهن ئي حرامي، پر هي جيڪي ماروئڙا ۽ جهانگيئڙا، هي جيڪي چوتيم سلفيٽ ٽوپين وارا گهمن ٿا، تن کي اڃا تائين اها به خبر نه آهي ته هو سنڌي قوم آهن. انهن کان پُڇ ته ’اڙي ڪير آهين؟‘ جواب ڏيندو ’ميمڻ آهيان، لغاري آهيان، سومرو آهيان‘ اڙي سنڌي چوندي توهان کي ٻَرو ٿو وٺي؟“. هو ان جو خيال جو هيو ته عوام تي جيستائين تنقيد نه ڪبي، تيستائين هي باشعور نه ٿيندا ۽ هو خليل جبران جي ان قول جو حامي پڻ هيو ته ’ جيڪي غلام، کونگهرا هڻندي ننڊ ۾ آزاديءَ جا خواب ڏسي رهيا آهن، تن کي لت هڻي اُٿارجي ته اُٿو! ۽ آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪريو‘.

هو سنڌ جي فڪري قافلي جو هڪ مضبوط جرنيل هيو. جنهن جي هڪ رَڙ قوم جي شعوري اُڀار لاءِ ڪافي هُئي، جنهن جي لفظن جي ڏانءَ ۾ اهڙو ته عجيب ساءُ هيو، جو ننڊ پيل ڪافي ماڻهن جي جاڳ جو ڪارڻ بڻبا هيا. جن ۾ ڪا ٿوري ٿڪي سمجهه هُئي، سي سڀ حفيظ قريشيءَ ڏانهن ڇڪجي ايندا هيا، ۽ سندس لفظن جي جُڙت مٿان موهت هجڻ سان گڏ، هو انهن جي فڪري شعوري اڏام سان پڻ سلهاڙجي ڇڪجي پوندا هيا. چاچي حفيظ هڪڙي انٽرويو ۾ ذوالفقار ڀُٽي ۽ سائين جيئيم سيد بابت ٻڌايو ته:” مون کي ڪڏهن به سائين جيئيم سيد ڪونه چيو ته تون ڀُٽي سان گڏ نه هُج هالانڪه ڀُٽي صاحب سن ۾ سائينءَ کي منهنجي سامهون چيو ته ’ سائين، قريشي صاحب کي چئو ته اسان سان شريڪ ٿئي‘، سائين مسڪرائي پيو، هاڻِ آءُ ڪيڏانهن وڃان! ڀُٽو مون کي وڻندو ته ڏاڍو هيو، منهنجو پيارو به هيو پر سيد منهنجو محترم هيو. هن (سيد) جي آءٌ مخلوق هوس. سائينءَ جي آءٌ مخلوق، مون کي سائين سڄي واقفيت ڪرائي ته ڌرتي به ڌُر ٿيندي آهي“.
سائينءَ کان پوءِ يا سائين جو حفيظُ هڪڙو ئي حفيظ قريشي هيو، جيڪو سچو، کرو ۽ بيباڪ هيو. سڀني جيان حفيظ کي به هلڻو هيو، بنا ڪنهن هوڪي ڏيڻ جي ته ’ڪا هلندي جيڏيون‘ چاچو حفيظ به هليو ويو.
جوڳِي نه جاهِلَ، پَنڌ پريندي سِکئا،
کَسي ڪَن نه کَلَ، پوتا رهن پرينءَ سيِن!
( لطيف )






















































































































































































