22 مھينا اڳ حسيني قافلي کي سبيل پيئاريندي يزيد هٿان اغوا بعد گم ڪيل سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪماري تي اسپيشل رپورٽ وائس آف انڊس نيشن طرفان پيش ڪجي ٿي,
اپيل !
وڌ کان وڌ شيئير ڪري ھن احتجاج کي سگھارو بڻائي پريا ڪماري کي بازياب ڪرائڻ لاء اٿندڙ آواز کي سگھارو بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو وڃي.
releasepriyakumari
صدين جي تاريخ رکندڙ سنڌ جيڪا تهذيبن، تمندن، مذهبن، انساني ارتقا، علم، ادب، پيار، محبت ۽ ترقيء جي امين رهي آهي۔
سنڌ جنهن حجاج بن يوسف ۽ يزيد جي لشڪرن جي ظلمن جي شڪار سيدن کي جيء ۾ جايون ڏئي پناھ ڏني ۽ بدلي ۾ يزيدي لشڪر سنڌ تي حملا ڪيا انهي سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪماري ڏھ محرم واري ڏينهن سکر ضلعي جي تعلقي روهڙي جي ننڍڙي شهر سنگرار ۾ گهر ٻاهران در تي حسيني ڪافلي کي سبيل پيئاريندي يزيد هٿان اغوا ڪري گم ڪئي وئي آهي۔
سنڌ جي ان معصوم نياڻي کي اغوا ٿئي 20 مھينا گذري چڪا آهن پر رياستي ادارن جي ڪن تي جونء به ناهي چري سگهي!؟
سنڌ جي کنڀي گم ڪيل معصوم مارئي پريا ڪماري جي امڙ ۽ بابا جي دل ۾ ڪربلا جو ماتم متل آهي, سندس گهر ۾ ڪيترن ئي مھينن کان چلھ ناهي ٻري ڇو ته ڪربلا جي ميدان ۾ جڏهن يزيدي لشڪر جو ظلم برپا ٿيل هجي ته اتي سواء ماتم جي ٻيو ڪجھ به ناهي هوندو۔
اهڙي ئي ريت سنڌ جي مارئي معصوم نياڻي پريا ڪماري جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي ۽ سندس امڙ جي اکين ۾ پريا ڪماري جي واپسي جي آس هر وقت صليب تي ٽنگل آهي پر ان سور جو احساس نه ان اغوا ڪندڙ يزيد تي پوي ٿو نه ئي رياستي ادارن تي پوي ٿو جڏهن ته اهو سچ به آهي ته پوليس کي سڀ خبر آهي پر پوليس سميت سمورا ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن۔
ياد رهي ته سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاء ڪيترائي احتجاج ٿيا آهن پر انهن جو اثر نه ئي انتظاميا تي پوي ٿو ۽ نه ئي وري اغوا ڪندڙ ان يزيد کي کي رحم اچي ٿو ته ان گلن جهڙي معصوم نياڻي پريا ڪماري کي آزاد ڪري۔
اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي شعور تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته هو ستن ورهين جي معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزاديء لاء تحريڪ هلائي ٻئي صورت ۾ نه ته اهو ڪارنهن جو چٽو هميشه سنڌ جي شعور جي نراڙ تي رهندو ۽ تاريخ لکندي ته صدين جي تهذيب جي امين سنڌ جا وارث پنهنجي نياڻي جي اغوا تي اکين کان انڌا، ڪنن کان ٻوڙا، زبان کان گونگا ۽ قومي غيرت کان لاچار رهيا۔