
ھونءَ تہ ٿر مان صنعتي خام مال خاص ڪري گرينائيٽ، چائنا ڪلي، لوڻ حاصل ڪرڻ جو سلسلو ڪافي پراڻو آھي، جنھن ۾ ڪوئلو تازو شامل ٿيو آھي. ٿر ۾ ھاڻ تہ بجلي گهر، ايئرپورٽ، روڊ رستا ۽ ٿلھي ليکي وڻڪاري بہ جام نظر اچي ٿي. سياحت، جهنگلي جيوت ۽ ڪارونجهر بہ جين ڌرم جي عبادتگاھن سان گڏ پنھنجو حصو ونڊائين ٿا.
ڪپھہ، ڏاسو، اْنَ، ريشم وغيرہ مان ڌاڳو ۽ ھٿ سان مختلف قسم جي ڪپڙي ٺاھڻ جي صنعت پڻ موجود آھي. جديد سائنسي تعليم، تحقيق ۽ وسيلا جيڪڏھن اجتماعي ڀلائيءَ لاءِ ڪتب آڻڻ جي روايت کي پختو ڪجي تہ نہ رڳو ٿر پر سڄي سنڌ انھن تجربن مان لاڀ حاصل ڪري سگهي ٿي.
ڪارونجهر
ڪارونجهر جي فطري اھميت
ڪارونجهر، برسات، وھڪرا ۽ زراعت
ڪارونجهر، برسات، وھڪرا ۽ سياحت
ڪارونجهر، برسات، وھڪرا ۽ باغباني
ڪارونجھر جبل جون ھڪ سئو نَوَ مختلف ٽڪريون آھن. انھن ٽڪرين جا مقامي طور پنھنجا نالا بہ آھن جيڪي ھيٺ ڏجن ٿا:
۱ ــ تروٽ وارو جبل
۲ ــ گھرٽيو وارو جبل
۳ ــ ٽونبڙيو وارو جبل
۴ ــ چور جھول ٽڪر
۵ ــ ھرڻا ويرا ٽڪري
۶ ــ ڪاري ڏيرا ٽڪر
۷ ــ شاھ جي ٽڪري
۸ ـــ ھرجي ويرا ٽڪر
۹ ــ ٻرواري ٽڪر
۱۰ ــ راٺن وارو ٽڪر
۱۱ ۔ مور ٽڪري
۱۲ ــ ڪيريناٿ ٽڪر
۱۳ ــ اونڌوارو ٽڪر
۱۴ ــ پاتڻيون ٽڪر
۱۵ ــ ايرڻين واري ٽڪري
۱۶ ــ ماء ديوڙي وارو ٽڪر
۱۷ ــ انچليسر وارو ٽڪر
۱۸ ــ مئو جو ٽڪر
۱۹ ــ پاڌرڙي وارو ٽڪر
۲۰ ــ ڀوڏيسر وارو ٽڪر
۲۱ ــ سکپور وارو جبل
۲۲ ـ آڌيگام وارو جبل
۲۳ ــ ڀڪيي واري ٽڪري
۲۴ ــ گاڏرڙا جبل
۲۵ ـــ گھوڙي وارو ٽڪر
۲۶ ــ چڻوٺين وارو ٽڪر
۲۷ ــ گئو مکي وارو ٽڪر ـ
۲۸ سارڌڙو وارو ٽڪر
۲۹ ـ ڀيم گوڏا وارو ٽڪر
۳۰ ـ گئو ناٿ وارو ٽڪر
۳۱ ـ مرڙا سگي وارو
۳۲ ۔ انڌاريو واري ٽڪري
۳۳ ۔ امي جاڙا وارو ٽڪر
۳۴ ۔ تير ٿيو وارو ٽڪر
۳۵ ۔ ٽوڀڙيو واري ٽڪري
۳۶ ۔ کاکرو جبل
۳۷ ۔ مٽي ويرو وارو ٽڪر
۳۸ ۔ کاروڀيم سر وارو ٽڪر
۳۹ ۔ نڙلو وارو ٽڪر
۴۰ ۔ ٻاڙوڌرو وارو ٽڪر
۴۱ ۔ تارا جھول وارو ٽڪر
۴۲ ۔ ڏاڪڻيون واري ٽڪري
۴۳ ۔ راتي ڌارا وارو ٽڪر
۴۴ ـ پيپلي جھارو وارو ٽڪر
۴۵ ۔ ويلڙيو وارو جبل
۴۶ ۔ ڪوٺي واڙ وارو ٽئو نڪ
۴۷ ـ کيجڙي ويرو وارو ٽئو نڪو
۴۸ ۔ گوٽي جي راء واري ٽڪري
۴۹ ۔ ونو ويرا وارو ٽئو نڪو
۵۰ ۔ ٻڪڙيا واري ٽڪري
۵۱ ۔ تڪيو وارو ٽئو نڪو
۵۲ ۔ چڪري واري چوٽي
۵۳ ۔ آڏي جھول وارو ٽئو نڪو
۵۴ ۔ پانچي جي ماٿاري واري ٽڪري
۵۵ ۔ گرڌاري ناٿ وارو ٽئو نڪو
۵۶ ۔ سينگرڙا واري ٽڪري
۵۷ ۔ ڪتاکن واري ٽڪري
۵۸ ۔ کجور واري ٽڪري
۵۹ ۔ سنگي واري چوٽي
۶۰ ۔ گنگاڀاڻ وارو ٽڪر
۶۱ ۔ ڏوئي ٽئو نڪو
۶۲ ۔ بيسا واڙي ٽئو نڪو
۶۳ ۔ جينجواڙي واري ٽڪري
۶۴ ۔ ڌڄاڙو واري ٽڪري
۶۵ ۔ ٽوڀلو وارو ٽئو نڪو
۶۶ ۔ مگري واري ٽڪري
۶۷ ۔ لنگھو ٽڪر ٽڪر
۶۸ ۔ گوما وارو ٽڪر
۶۹ ۔ مندر واري ٽڪري
۷۰ ۔ ڪارا سنڌا وارو ٽئو نڪو
۷۱ ۔ لالي ٻائي واري ٽڪري
۷۲ ۔ ٽاڍيو ٽڪر
۷۳ ۔ ڀيل ڀلاڙو جبل
۷۴ ۔ چولڙي ٽڪري
۷۵ ۔ اڪ جھاروٽڪري
۷۶ ۔ ڏاڪڻين واري چوٽي
۷۷ ۔چندور پاساڙا ٽڪري
۷۸ ۔ تر کوڙيو ٽئو نڪو
۷۹ ۔ گھوڙ وارو ٽڪر
۸۰ ۔ گڏکيء واري ٽڪري
۸۱ ۔ سونيويراٽڪري
۸۲ ۔ آڏي ڍار وارو ٽڪر
۸۳ ۔ وڏئو واري ڍار
۸۴ ۔ روجھڙا ٽڪر
۸۵ ۔ ٻنڌو ڳڙو جبل
۸۶ ۔ گھوڙاڪڳر واري
۸۷ ۔ ٻاروجھاٽڪر
۸۸ ۔ ھوندرو ٽئونڪو
۸۹ ـ ڀيرٻ چٻ وارو ٽئو نڪو
۹۰ ۔ سلاڙو ٽڪر
۹۱ ۔ گنگا ٻئوڻ واري ٽڪري
۹۲ ۔ پالاڙو ٽڪر
۹۳ ۔ ٻنڌل پاسا ٽڪر
۹۴ ۔ ناٺيون جھارو واري ٽڪري
۹۵ ۔ ڪارا ٽڪر
۹۶ ۔ ڪان ڪجو ٽڪر
۹۷ ۔ اٺن واري تري ٽڪر
۹۸ ۔ وڏيو ٽڪر
۹۹ ۔ ٻوڙ واري ٽڪري
۱۰۰ ۔ آٻلي ڍار ٽڪري
۱۰۱ ۔ ھيمڙي ماڙو ٽڪر
۱۰۲ ۔ چڱي ڌار ٽڪري
۱۰۳ ۔ ھرمون جھارو واري ٽڪري
۱۰۴ ۔ پوتليون ٽڪري
۱۰۵ ۔ پکيئڙو ٽئونڪ
۱۰۶ ۔ موڏو ٽڪر
۱۰۷ ۔ ڪاسٻو ٽڪر
۱۰۸ ۔ ڳجھن وارو پاساڙو
۱۰۹ ۔ ھنگوري ٽڪري

ڪارونجھر فطرت جي عجائبات سان ڀرپور جابلو سلسلو آهي. ھن جبل جي ھر ٽڪري جي ڌار ڌار زندگي آهي. انھن سڀني ٽڪرين کي سياحتي مقصد لاءِ نالن سميت سنڀالي، بچائڻ ضروري آھي.
ٿر جي ننگر واري علائقي ۾ گرينائيٽ جي مختلف رنگن جو قيمتي پٿر ڪو ھڪ ھزار چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آھي. جڏھن تہ ڪارونجهر جبل صرف ۲۴ اسڪوائرڪلو ميٽر پکيڙ ۾ ڌرتيءَ کان مٿاھون نظر اچي ٿو. ان سان ڪا بہ ڇيڙڇاڙ نہ ٿيڻ گهرجي.
ڪارونجهر کي سنڌ جو قومي ورثو قرار ڏئي، نيشنل پارڪ جو درجو ڏئي صرف سياحت جي لاء مخصوص ڪيو وڃي.
ڪارونجهر تي عام ماڻهن لاء بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن.
جيڪڏھن ان ثقافتي ۽ سياحتي منصوبي تي ترقياتي ڪم ڪيو وڃي تہ سنڌ حڪومت جو سياحت کاتو ڪافي ناڻو ڪمائي سگهي ٿي.


ٻڌئون ٿا تہ گرينائيٽ جو پٿر تہ ٿر جي ٻين علائقن ۾ بہ آھي پر ننگرپارڪر جي علائقي ۾ بلڪل زمين جي سطح جي ويجهو آھي. ان جي کوٽائي ڪئي وڃي تہ جيئن ننگر پارڪر کي ترقي وٺرائي سگهجي ۽ اھڙي قانونسازي ڪئي وڃي جيئن اھا کڻت صرف مقامي ماڻھن کي ڏني وڃي جيئن مقامي ماڻهن کي آمدني ٿئي. ان سان گڏ گرينائيٽ جي صنعت کي ھٿي وٺرائي، ننگر شھر ۾ گرينائيٽ سان لاڳاپيل صنعتون قائم ڪرايون وڃن جيئن مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا بہ پيدا ٿين.
ھن وقت جيڪا کوٽائي ڪجهہ رياستي ادارا ۽ غيرمقامي ٺيڪيدار ڪري رھيا آھن، ان ۾ سٺ سيڪڙو پٿر ضايع ٿئي تو ڇو تہ پٿر تراشڻ يا ڪپڻ جي صنعت ننگرپارڪر ۾ ڪونھي ۽ ننڍو پٿر وڏن صنعتي شھرن ڏانھن کڻي وڃڻ ٺيڪيدارن کي مھانگو ٿو پئي. انڪري صنعتون ننگرپارڪر ۾ قائم ڪرڻ جو شرط سختيءَ سان لاڳو ڪيو وڃي.
پٿر جي کوٽائي انھن جڳھن تي ڪرائي وڃي جتي برساتي پاڻيءَ جا فطري وهڪرا آھن، جيئن پٿر نڪرڻ کان پوء اھي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي ڪم اچن. انھي طريقي سان ڪارونجهر جي چوڌاري ننڍا ننڍا پاڻيءَ جا ذخيرا پيدا ٿيندا جن جو استعمال ڪندي آبپاشيءَ لاءِ بھتر ذخيرو بہ ٺاھي سگهبو.
ساردڙو ندي تي ٺهيل مايا ڊيم کي بھتر ڪري، ان جي پاڻيءَ جو مناسب استعمال ڪري سگهجي ٿو.
برساتن دوران سرحد ٽپي ويندڙ پاڻي کي ٿر ۾ گڏ ڪري صنعتي استعمال ھيٺ آڻي سگهجي ٿو.
ڪنھن مناسب رٿابندي نہ ھجڻ سبب جٽادار ترقي ممڪن ئي ڪونھي.
مٿان وري بدديانتيءَ جي ڪري علائقي ۾ ٿيل غيرمعياري ڪم عوام لاء لاڀائتو نٿو ٿئي.
ٿر جو ڪوئلي مان حاصل ٿيندڙ آمدنيءَ جو ڪجهہ حصو ان نئين صنعت کي ھٿي وٺائڻ لاءِ مختص ڪرڻ گهرجي باقي ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسيبلٽيءَ جي نالي تي خانگي شعبي جي سرمائيڪارن جي ترقي ڪو مستقل حل ڪونھي.
