وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ پاران اڄ تاريخ 12 ھين سيپٽمبر 2023ع جي شام 5 وڳي ڪراچي پريس ڪلب آڏو سنڌ جي ڳڀرو نوجوان ۽ قومي ڪارڪن شھيد افضل لُنڊ جي قاتلن جي گرفتاري ۽ انھن کي عبرتناڪ سزا ڏيارڻ لاءِ وي ايم پي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سھڻي جويو جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاھر ڪيو ويو

ان موقعي تي وي ايم پي جي مرڪزي اڳواڻ سھڻي جويو، سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي صدر سارنگ جويي، مرڪزي نائب صدر زاھد کوسي، ايڊووڪيٽ خليل انصاري، جسقم اڳواڻ الاھي بخش بڪڪ، ايس يو پي اڳواڻ ستار ڏاھري، ينگ لائيرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين راحيل صمصام ، سنڌ سجاڳي فورم جي سينيئر ساٿي سيد زمان شاھ، وي ايم آرگنائيز مريم سنڌي، جيئي سنڌ قومي پارٽي ناري ونگ جي اڳواڻ عروج سنڌي، ادي عائشہ سرگاڻي، ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو تہ،

ھاڻي رياستي ظلم، جبر ۽ ڏاڍ جي انتھا ٿي وئي آھي، ھڪ وڏي عرصي کان سنڌ مان رياستي ايجنسيون سنڌ جي سياسي شعور کي ڪچلڻ لاءِ قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪري سالن جا سال ٽارچر سيلن ۾ واڙي انھن کي اذيتون ڏين ٿا ۽ جدوجھد ذريعي ڪجھ کي آزاد ڪن ٿا ۽ تہ ڪجھ کي ڪوڙا ڪيس ھڻي انھن کي سالن جا سال جيلن ۾ واڙي اذيتون ڏئي سندن زندگيون تباھ ڪن ٿا پر ھاڻي تہ انتھا ٿي وئي، جساف اڳواڻ افضل لُنڊ جنھن کي انھن رياستي ايجنسين پھرين کنڀي گم ڪري مٿس سخت تشدد ڪيو ويو ۽ پوءِ جدوجھد جي نتيجي ۾ کيس ظاھر ڪري مٿس ڪوڙا ڪيس مڙھيا ويا پر عدالتن ان کي باعزت بري ڪري ڇڏيو،

ھاڻي ھو شھدادپور ۾ ھڪ مائيڪرو فائنانس بئنڪ ۾ ھڪ ملازم جي حيثيت سان ڪم ڪري رھيو ھو، جنھن کي ڪلھ 2 نامعلوم ماڻھن کيس فون ڪري گھرائي گوليون ھڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، ياد رھي تہ افضل لنڊ کي واٽس ايپ تي ايم آءِ پاران مارڻ جو ڌمڪيون بہ ملنديون رھيون جنھن جو وائيس بہ اچي چُڪو آھي، ان ڪري اسان سمجھون ٿا تہ ھاڻي رياست سنڌ جي قومي ڪارڪنن کي ٽارگيٽ ڪلنگ ھي ذريعي ماري سنڌ جي قومي تحريڪ کي ڪچلي سياسي ۽ قومي ڪارڪنن ۾ خوف پيدا ڪرڻ چاھي ٿي، جيڪو اسان ڪنھن بہ ريت ٿيڻ نہ ڏينداسين، ياد رھي تہ شھيد جدوجھد جو آئينو ۽ دڳ ھوندا آھن، انھن جي شھادت مايوسي ناھي پکيڙيندي پر ھمت ۽ حوصلي سان گڏ اتساھ پيدا ڪندي آھي.

ان ڪري اسان عالمي ضمير، انساني حقن جي تنظيمن، ايمنسٽي انٽرنيشنل، ايشين ھيومن رائيٽس، ۽ ٻين کي اپيل ٿا ڪيون تہ شھيد افضل لُنڊ جي شھادت واري واقعي تي عالمي جڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي ۽ انھن ڳجھن ادارن کي ظاھر ڪري انھن خلاف سخت ايڪشن کنيو وڃي نہ تہ ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

ان موقعي تي ايڊووڪيٽ رشيد راڄڙ، ايڊووڪيٽ مختيار سيمائر، ايڊووڪيٽہعبدالوھاب ڀُٽي، ايڊووڪيٽ ماجد گبول، ايڊووڪيٽ مھتاب راٺوڙ، ايڊووڪيٽ عمير خواجہ، جساف اڳواڻن ججيب ميربحر، غلام رسول شر، عطا شيخ، سنڌ سجاڳي فورم ميلر جي ساٿين مير منظور، جمن پتافي، رخسانہ ھاليپوٽو، مومل پنھور، عبدالستار ٻاڪڙ، ۽ ٻين قومي ڪارڪنن، ساڃاھوندن، وڪيلن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

Indus worldnews

Indus World News - Voice of Indus nations, delivering unbiased news & in-depth coverage of cultural, political & social developments in the Indus region. Stay informed with reliable updates."

https://indusworld.news

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *