ننڊي کنڊ ۾ پاڪستان جي نالي تي انگريز سامراج جي باقيات ،جيڪا پنجابي جنرلن تي مشتمل پنھنجي تسلسل کي جيئن جو تيئن قائم ڪيو اچي پئي ،  ان لاءِ سڀ کان پهرين انھن پنڊي جي پاليسي ساز ادارن ۾ سنڌين جي داخلا تي پابنديءَ کي جيئن جو تيئن قائم رکيو جنھن جي نتيجي ۾ پنجھتر سالن جي تاريخ ۾ سنڌي ڪنھن اھم اداري جو  سربراهه ڪونه ٿي سگهيو آهي…

جنھنڪري  ملڪ جي جاگرافيائي سرحدن سان گڏوگڏ نظرياتي سرحدن جنم ورتو آهي. نظرياتي سرحدن جي حفاظت لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ ، سنڌي جي تاريخ ڪلچر کي ختم ڪرڻ ضروري آهي ان لاءِ پنجابي جوڌا خاص ڪري اسلام آباد مان موڪليل وائسراءِ  ملڪي سلامتيءَ جي نالي ڏينهن رات سرگرم ھوندو آھي …
ملڪي سلامتيءَ جي نالي ھر ان عمل جي حمايت ڪئي ويندي آهي جنهن سان ڪوڙن ڊوميسائلن جي زريعي غيرقانوني غير ملڪين کي نوڪرين جي بھاني آباد ڪري اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ، اسڪولن مان سنڌي ٻولي کي ختم ڪرڻ کان سنڌي ڪلچر تاريخ کي مٽائڻ تائين فھليل آھي ،

ڪارونجهر جي  جبلن سان سنڌ جي تاريخ ثقافت جڙيل آهي ان لاء ملڪي سلامتيءَ لاءِ ضروري آهي ته ان کي ختم ڪيو وڃي، جيئن  سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتابن تان موھن جي دڙي جي نشاني ڏاند جو لوگو مٽائي جنگي مورچو فتح ڪيو ويو آھي….ان لاءِ پ پارٽيءَ جي ويڪائو وڏيرن جي اقتدار جي سلسلي کي قائم رکڻ لاءِ ڪارونجھر جبل کي ختم ڪرڻ جو شرط رکيل آهي … پ پارٽي پاڻ کي ملڪي سلامتيءَ لاءِ سرخرو ثابت ڪرڻ لاءِ  ڪارونجھر جبل تي حملو ڪري ملڪ جي نظرياتي سرحدن جي جنگ وڙھي پئي…..

By Indus worldnews

Indus World News - Voice of Indus nations, delivering unbiased news & in-depth coverage of cultural, political & social developments in the Indus region. Stay informed with reliable updates."

Discover more from Indus World News

Subscribe now to keep reading and get access to the full archive.

Continue reading