
قاضي احمد ويجهو ناصري پوليس ٿاڻي جي حد ۾ بااثر زميندار صالح شاھ جي زمين تي ھارپو ڪندڙ 13 سالا نينگري ڪونج جوڻيجو سان مبينا جنسي ذيادتي جي ڪوشش واري معامري جي ٿيل فيصلي کي متاثر نينگري ڪونج جوڻيجو ء وارثن ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو سندس والد علي رستم جوڻيجو ء سندس جي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته اسان کي زبردستي هٿيارن جي زور تي اڇي پني تي صحيح ورتي وئي ء چيو ته توهان اھو چئجو ته اسان ٺاھ ڪيو آهي
- اھڙي فيصلي جون خبرون هلي رهيون آهن ته اسان کي 19 لک روپيا ڏنا ويا آهن جيڪو سراسر ڪوڙو ڊرامو آهي اسان کي ڊيڄاري ڌمڪائي ھٿيارن جي زور تي اڇي پني تي آڱوٺا هڻايا ويا اسان غريب مسڪين آهيون اسان کي جان جو خطرو آهي

صالح شاھ بااثر شخص آهي ٻئي پاسي متاثر نينگري ڪونج جوڻيجو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان صالح شاھ کي نه اڄ معاف ڪيو آهي نه معاف ڪنديس وحشي جوابدار کي گرفتار ڪيو وڃي جنھن مون جي عزت لٽڻ جي ڪوشش ڪئي رڙين تي ڦٽيون چونڊيندڙ عورتن مون کي بچائي ورتو آهي متاثر نينگري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي آهي تہ درندي جوابدار کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ مون سان انصاف ڪيو وڃي.

































































































