سنڌوءَ تي ڪئنالن، ڊيمن ۽ زمينن جو سوال نواز خان زئور شيون، لقاءَ، منظر ۽ مسئلا رڳي فلسفي جي روءِ کان ئي هڪٻئي سان ڳنڍيل نہ هوندا آهن، پر عملي طور پڻ انهن جي وچ ۾ ڪيتريون ئي ڏٺيون اڻڏٺيون تندون ۽ سڌا اڻسڌا آڌارڪ لاڳاپا هوندا آهن. جيئن ڪائناتي لقائن ۾ انيڪ منفرد مانڊاڻڪ سٽائون سمائيون پيون هونديون آهن،نواز خان زئور چيئرمين جيئي سنڌ قومي پارٽي

درياھ لاءِ دليل – ١

شيون، لقاءَ، منظر ۽ مسئلا رڳي فلسفي جي روءِ کان ئي هڪٻئي سان ڳنڍيل نہ هوندا آهن، پر عملي طور پڻ انهن جي وچ ۾ ڪيتريون ئي ڏٺيون اڻڏٺيون تندون ۽ سڌا اڻسڌا آڌارڪ لاڳاپا هوندا آهن. جيئن ڪائناتي لقائن ۾ انيڪ منفرد مانڊاڻڪ سٽائون سمائيون پيون هونديون آهن، ايئن ئي انتظامي ۽ اختياري فيصلن جي تاڃي پيٽي تي منافعن ۽ مفادن جا اُڻيل سُٽ سياسي، سماجي ۽ معاشي منظرنامن کي جوڙين ٿا. هن وقت هن مملڪت جون تاڃيون تاڻيندڙ آڱريون جيڪي ڀوائتا ۽ بدزيبا رنگ پڌرا ڪري رهيون آهن، انهن جو هڪ پاسو پاڻيءَ جا مامرا آهن. جنهن ۾ سنڌو نديءَ ۽ ان جي ڀرتو ندين تي ڊيمن ۽ ڪئنالن جي تعمير هڪ نهايت ئي خطرناڪ ۽ سنگين مسئلو آهي.
ڊيمن ۽ پاڻيءَ ذخيرن جي اڏاوت هن ملڪ جي مستقل ايجنڊا آهي، جنهن کي وڌيڪ فيصلائتي اُڪلاءَ ڏانهن وڌائيندي نوان ڪئنال ڪڍڻ جو مرحلو شروع ڪيو ويو آهي. اهي سڀ رٿائون واپڊا جي ”واٽر ويزن ٢٠٢۵ع“ جو حصو آهن، جيڪو جنرل پرويز مشرف جي دؤر ۾ رٿيو ويو هو. انهيءَ درياھ دشمن ۽ ماحوليات وروڌ ويزن تحت ئي جنرل مشرف سندس دؤر ۾ ڪن ڊيمن ۽ ڪئنالن جا افتتاح پڻ ڪيا.
هيءُ نئين دؤر جي نئين جرنيلي سڙڪ آهي، جنهن جا سڀ سرا ۽ ڇيڙا ڊيمن، ڪئنالن ۽ سنڌ جي زمينن جي والار ڏانهن وڃن ٿا. جنهن موجب ٢٠٠٢ع ۾ ڪڇي ڪئنال جو ڪم شروع ڪيو ويو. جنهن تي اٽڪل ٨٠ ارب رپين جي لاڳت رکي وئي. هي ۴٩٩ ڪلوميٽر ڊگهو ڪئنال آهي، جنهن جا ٽي حصا پنجاب ۽ چوٿ حصو بلوچستان ۾ هوندو. تونسا بئراج مان نڪرندڙ هن ڪئنال ۾ ٦٠٠٠ ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ جي گنجائش آهي.
اهڙي ئي نموني گڊو بئراج مان نڪرندڙ ريڻي ڪئنال آهي، جيڪو ١٧۵ ڪلوميٽرن جيترو پنڌ ڪري گهوٽڪي، سکر ۽ خيرپور ضلعي جون صحرائي زمينون سيراب ڪندو. هن ڪئنال جي پاڻيء کڻڻ جي صلاحيت ۵ هزار هڪ سئو پنجونجاھ ڪيوسڪ آهي ۽ هن سان چار لک ٻارنهن هزار چار سئو ايڪڙ زمين آباد ڪئي ويندي.
ٿر ڪئنال هن ئي ڪئنال جي واڌ آهي، جيڪو عمرڪوٽ ضلعي تائين ڪهي ايندو. جنهن تي ساڍا ٩١ ارب رپيا خرچ ايندا. هن ڪئنال مان ٿر ڪوئلي جي پراجيڪٽن کي پڻ پاڻي مهيا ڪيو ويندو. ٿر ڪئنال جي آسري تي ئي عمرڪوٽ ضلعي جي ١ لک ٩٠ ھزار ١ سئو ٩۵ ايڪڙ زمين گرين پاڪستان انيشيٽو ڪمپنيءَ جي حوالي ڪئي وئي آهي. عمرڪوٽ تعلقي جي الاٽ ڪيل هن زمين کي ٻن سائيٽن ۾ ورهايو ويو آهي. سائيٽ هڪ ۾ تپي حاجي ميان شاھ جي ديھ کيرال ٿر، تپي ڪپلور جي ديھ بارائي ٿر ۽ تپي دينور جي موکل ٻھ ديھ جا ٧٠٩٨٦ ايڪڙ شامل آهن. سائيٽ ٻہ ۾ ٻانهياريءَ ۽ دينور تپا اچي وڃن ٿا. جن مان تپي ٻانهياريءَ جي ديھ ڇور ٿر ۽ تپي دينور جون هورينگو ۽ لپلو ديهون شامل آهن. جن ۾ ١١٩٢٠٩ ايڪڙن جي نشاندهي ڪئي وئي. اهڙي نموني عمرڪوٽ تعلقي ۾ ڪل ١٩٠٩٩۵ ايڪڙ زمين ڪمپنيءَ سرڪار جي حوالي ڪئي وئي آهي.
ڪمپنيءَ سرڪار جي زمينن کي سيراب ڪرڻ کان پوءِ ٿر مان نڪرندڙ ڪوئلي جي ضرورتن جي پورائي لاءِ هن وهڪري کي نبي سر کان وينجهيار تائين آندو ويندو. ان لاءِ ٦١ ڪلوميٽرن تائين زير زمين پائيپ لائين وڇائي ويندي. ڪويتي ڪمپنيءَ انٽرٽيڪ سان ان ڪم لاءِ معاهدو ٿي چڪو آهي، جنهن کي ايندڙ سال جي آخر تائين هي رٿا مڪمل ڪرڻي آهي. بظاهر ڪئنالن جي نہ ٺهڻ جي ڳالھ ڪندڙ پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت بنفس نفيس پاڻ هن ڪئنال جو خرچ ڀري رهي آهي.
اهڙي ئي نموني گريٽر ٿل ڪئنال پڻ واپڊا جي درياھ دشمن واٽر ويزن جو حصو آهي، جنهن لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاران پڻ قرضو ڏنو ويو. هن رٿا جي منظوري ٢٠٠١ع ۾ ڏني وئي. ساڳئي سال ١٦هين آگسٽ تي جنرل پرويز مشرف ڪئنال جي ڪم جو افتتاح ڪيو. بعد ۾ اقتدار ۾ آيل پ پ حڪومت پڻ هن ڪم کي جاري رکيو ۽ ٢٠١٠ع ۾ مڪمل ڪري پنجاب جي آبپاشي کاتي جي حوالي ڪيو. جنهن کانپوءِ پنجاب پاران زور زبردستي ڪري ١٩٩١ع واري پاڻيءَ معاهدي ۾ هن ڪئنال لاءِ پاڻي جو حصو شامل ڪرايو ويو. چوبارا، ڌڱاڻا ۽ ماڻڪيرا برانچون پڻ هن ڪئنال سسٽم سان ڳنڍيل آهن. هاڻي هي آفت ڪئنال درياھ تي ساڍا ٨ هزار ڪيوسڪن جو ڌاڙو هڻي وهي رهيو آهي. هاڻوڪي رٿا ۾ ان کي اڃا وڌيڪ وڌائڻ جي منصوبابندي آهي. ٿل ڪئنال فيز هڪ وسيلي ساڍا ٣ لک ايڪڙ ۽ فيز ٻہ سان ١٧ لک ٣٩ ھزار ايڪڙ زمين آباد ڪئي ويندي.
چشما بئراج مان نڪرندڙ چشما رائيٽ بئنڪ ڪئنال ٢ لک ٨٦ ھزار ايڪڙ زمين آباد ڪندو. هن ڪئنال ذريعي جيڪا زمين آباد ڪئي ويندي، اها درياھ جي پاڻي جي سطح کان ٦۴ فٽ مٿي آهي. هنن مٿانهين زمينن کي سيراب ڪرڻ لاءِ ٺهندڙ هن منصوبي کي لفٽ ڪئنال پڻ چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ پاڻي کڻڻ لاءِ ٨ پمپنگ اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون، جن وسيلي ٢۵٠٠ ڪيوسڪ پاڻي کنيو ويندو.
هنن سڀني خطرناڪ ڪئنالن ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصانڪار چولستان فلڊ فيڊر ڪئنال آهي. ٢١١ ارب رپين جي لاڳت سان ٺهندڙ هي واهڙ ڇھ هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻي پورو سال وهندو رهندو، جنهن سان شروع ۾ ساڍا ست لک ايڪڙ زمين آباد ٿيندي. ارسا جي بريفنگن جو حوالو ڏيندي محمد حسين خان لکي ٿو: ”زمين جو اهو انگ اڳتي هلي ٦٦ لک ۵۵ ھزار ٣٦٠ ايڪڙن تي پهچندو. جنهن ۾ سمالر چولستان تي ١٩٩٦٦٠٠ ايڪڙ ۽ گريٽر چولستان تي ۴٦۵٨٧٦٠ ايڪڙ زمين آباد ٿيندي. جيڪا سنڌ جي ڪل آباد زمين هڪ ڪروڙ ٣٢ لک ايڪڙن جي اڌ برابر آهي.“
(پڙهو، روزاني ”ڊان“، ٣ مارچ ٢٠٢۵ع)
چولستان ڪئنال ٺاھڻ جي منظوري وفاقي اداري سي ڊي ڊبليو پي مان ورتي وئي آهي. ٢٠٣٠ع تائين هن ڪئنال جو ڪم مڪمل ڪرڻ جو حدف آهي. ارسا هن ڪئنال لاءِ پاڻي جي موجودگي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪندي چيو آهي تہ ان لاءِ ساڍا ۴ ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي موجود آهي.
چولستان ڪئنال ستلج درياھ تي سليمانڪي بئراج مان نڪرندو. هتي ستلج وٽ عام طور پنهنجو پاڻي ڪونہ هوندو آهي، جو سنڌ طاس معاهدي موجب هي نديءَ هاڻي انڊيا جي اختيار هيٺ آهي. تنهنڪري چولستان ڪئنال کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ٽن لنڪ ڪئنالن جي پاڻيءَ کڻت جي گنجائش وڌائي ويندي. جنهن موجب رسول – قادر آباد لنڪ ڪئنال (١٩٠٠٠ کان ٢۵٠٠٠ ڪيوسڪ)، قادر آباد- بلوڪي لنڪ ڪئنال (٢٢٠٠٠ کان ٢۵٠٠٠ ڪيوسڪ) ۽ بلوڪي- سليمانڪي لنڪ ڪئنال جي ٢۴۵٠٠ کان ٢٨٧٠٠ ڪيوسڪن تائين توسيع ڪئي ويندي.
سنڌو درياھ مان پاڻي کڻي هنن لنڪ ڪئنالن وسيلي سليمانڪي بئراج تي پهچائي چولستان فلڊ فيڊر ڪئنال کي وهايو ويندو؛ جيڪو نالي ۾ فلڊ ڪئنال آهي، پر اصليت ۾ ٻارهو ڪئنال آهي، جنهن لاءِ سنڌوءَ جي پيٽ کي ڪوريو ويندو.
اڳي ئي سنڌو نديءَ جو ٻہ ڀاڱي ٽي (٢/٣) پاڻي زراعت لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي. درياھن ۾ جيڪو پاڻيءَ آهي، اهو اڳ ۾ ئي ١٩٩١ع واري معاهدي موجب ورڇيو پيو آهي. ان ورهاست کي بہ هر سال کوٽ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. اتي سوال هيءُ آهي تہ نون ڪئنالن لاءِ وڌيڪ پاڻي ڪٿان ايندو؟ جواب آهي تہ ديامير ڀاشا ڊيم ۽ مهمند ڊيم مان.
هي محض ڇھ ڪئنال ناهن، پر واهن جو هڪڙو وڏو نظام آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي نهرون نڪري مختلف علائقن ڏانهن پکڙجي وينديون. سيراب ٿيندڙ علائقا بيشڪ مختلف هوندا، پر زمينون ڪمپنيءَ سرڪار جون هونديون.
”فيبروري ٢٠٢۴ع ۾ ايڪنڪ جي اجلاس ۾ گرين پاڪستان انيشيٽو پلان کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ‘ڊولپمينٽ آف نيشنل ايريگيشن نيٽ ورڪ’ جي منظوري ڏني وئي. جنهن موجب ڄاڻايل ڪئنالن سميت ڪيتريون ئي نهرون ٺاهڻ جا فيصلا عمل ۾ آڻڻ جا سانباها ڪيا پئي ويا.“
(پڙهو، ”The Nation“، ٢٨ جنوري ٢٠٢۵ع)
ڪجھ سال پهرين جڏهن هڪ ڀيرو ٻيهر ديامير ڀاشا ڊيم سميت ٻين ڊيمن ٺاهڻ جون ڳالهيون زور شور سان ٿي رهيون هيون، تڏهن سنڌ جا ڪجھ پاڻي ماهر، ٽيڪنوڪريٽ، آبادگار اڳواڻ ۽ سياستدان ڀاشا ڊيم جي حمايت ۾ هئا. مون تڏهن بہ ڀاشا ڊيم سميت سڀني ڊيمن جي باري ۾ پنهنجا خدشا ظاهر ڪيا ھئا.
”هڪ وڏو سازشي امڪان هي بہ آهي تہ جيڪڏهن ڀاشا ڊيم ٺهي ويو تہ پوءِ اڳيان هلي ڪالاباغ واري جاءِ تي يا ان جي اورتي پرتي ڪنهن بہ مناسب هنڌ تي هڪ نئون بئراج ٺاهي اتان نوان واھ ڪڍيا ويندا تہ جيئن پنجاب جون زمينون سيراب ٿي سگهن. پر جي نوان واھ نہ بہ ڪڍيا وڃن، تڏهن بہ اڳواٽ ٺهيل ٻيا ڌاڙيل ڪئنال موجود آهن، جيڪي سارو گڏ ڪيل پاڻيءَ کڻڻ جي گنجائش رکن ٿا.“
(”سنڌو نديءَ جو مقدمو“، ص ۵٠)
ڪو زمانو هو جو سنگدل محبوب پنهنجن عاشقن کي ديدار لاءِ ستائيندا ۽ تڙپائيندا رهندا هئا. هاڻي ارسا، پاڻي واري وزارت ۽ وفاق ڪيترن ئي، پر پاڻيءَ مامرن ۾ خاص طور، عوام کي اصل حقيقتن ۽ درست انگن اکرن لاءِ سِڪائي رهيا آهن. ان ڪري ڊيمن بابت حقيقتون پڻ آهستي آهستي پڌريون ٿي رهيون آهن.

مئي ٢٠٢٠ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ واٽر اسٽريٽجي ۽ ڊيمن بابت ٿيل اجلاس ۾ نئين سر ڀاشا ڊيم جي اڏاوت شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان اجلاس ۾ ڀاشا ڊيم جون جيڪي برڪتون ڄاڻايون ويون، انهن ۾ پهريون ڀيرو هي ڳالهہ پڻ ڪئي وئي هئي تہ ديامير ڀاشا ڊيم ٺهڻ سان ١٢ لک ٢٠ ھزار ايڪڙ زمين آباد ٿيندي. ان کان اڳ ۾ ڀاشا ڊيم جي ڪنهن بہ دستاويز، ڳالھ ٻولھ يا رٿا جي ظاهر ڪيل تفصيلن ۾ اهڙو ڪوبہ ذڪر نہ ڪيو ويو هو. مون انهن ڏينهن ۾ ئي روزاني ”ڪاوش“ ۾ شایع ٿيل منهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو:
”اوچتو ڀاشا ڊيم مان نئين زمين آباد ٿيڻ جي جيڪا ڳالھ ڪئي پئي وڃي، اھا بہ سورنھن جا ويھ آنا پنجاب جي زمين ئي هوندي. ٿل ڪئنال فيز ٻہ جي رٿا ۽ لنڪ ڪئنالن ۾ پاڻي کڻت جي گنجائش وڌائڻ واريون جيڪي رٿائون آهن، اهي يقينن ڀاشا ڊيم جي آسري تي اڳتي وڌي رهيون آهن. ڊيم مڪمل ٿيڻ بعد چيو ويندو تہ هاڻي اسان وٽ اضافي پاڻي موجود آهي، ان ڪري سنڌوءَ تي ڪو نئون بئراج ٿا ٺاهيون. سنڌ جي اعتراض جي جواب ۾ منهن جي پڪائي سان چيو ويندو تہ پنجاب پنهنجي حصي جي پاڻي مان بئراج ٿو ٺاهي. پوءِ پنجاب جو انڊينٽ پڻ وڌي ويندو ۽ پاڻي جي نئين ورهاست جا فارمولا بہ سامھون آندا ويندا.“
(پڙهو، ”۽ سنڌوءَ وهندي رهندي“، صفحو ٦٣ ۽ ٦۴)
مٿيان حوالا ڏيڻ جو مقصد فقط اهو آهي تہ جيئن شيون ڪنهن نہ ڪنهن طرح هڪٻئي سان ڳنڍيل هونديون آهن، تيئن ئي سنڌ جا ڪيترائي مسئلا هڪٻئي سان ڳنڍيل ڳتيل آهن. جيڪا ڳالھ هاڻي درجيوار پڌري ٿي رهي آهي. جي پاڻي ئي نہ هوندو تہ زمينون ڪيئن آباد ٿينديون. هي جيڪا Special Investment Facilitation Council (SIFC) ٺاهي وئي آهي ۽ ٻاهرين سيڙپڪارن کي هرکايو پيو وڃي ۽ مختلف ملڪن سان خوراڪ جا معاهدا ڪيا پيا وڃن، اھو سڀ مڙيئي تہ ڪونهي. ان جي پٺيان وڏي رٿابندي آهي. زمينون آباد ڪرڻيون آهن تہ ڪئنال ٺهندا. ڪئنال ڪڍبا تہ انهن لاءِ پاڻي گهربل هوندو. پاڻيءَ ڪٿان آڻجي. ان لاءِ ڊيم کپن. يا وري ڊيم ٺهي ويا، پاڻي گڏ ٿي ويو، تہ ان جو صرفو کپي. اهو پاڻي زيان تہ نہ ڪبو. سمنڊ ۾ تہ ڇڏڻو ناهي. جو پاڻي سمنڊ ۾ وڃڻ جي سُوران تہ ڊيم پيا ٺاهجن. معنا وري ڪئنال کپن.
شيون ايئن هڪٻئي ۾ سلهاڙيون پيون آهن. هاڻي سنڌ ۾ جڏهن سنڌو درياھ بچائڻ لاءِ زبردست ردعمل موجود آهي ۽ اهو هوريان هوريان اڳتي هلي هڪ وڏي عوامي تحريڪ جي صورت اختيار ڪري ويندو، تڏهن بالادست قوتون عدم استحڪام جي ور چڙهي وينديون. ان حالت ۾ حڪمرانن لاءِ ڪئنالن وارين رٿائن کي واپس وٺڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو نہ هوندو. پڪ سان اها سنڌين جي هڪڙي تمام وڏي سوڀ هوندي. پر جي صرف ڪئنالن جي تعمير رڪجي ۽ ڊيمن جي اڏاوت جاري هجي ۽ سنڌ جون زمينون ڪمپنيءَ سرڪار جي حوالي هجن، تہ پوءِ اها اڌوري سوڀ هوندي. جو وقتي طور تي ڌڪ پچائي، بالادست قوتون ڪجھ وقت رکي، وري پنهنجين ايجنڊائن کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪنديون. ان ڪري اهو تمام ضروري آهي ته ڪئنالن، ڊيمن ۽ زمينن جي والار واري مسئلي کي هڪ ئي ڪڙي سمجهندي گڏائي کڻجي. اسان کي ان تي نهايت چٽو ٿي بيهڻ جي ضرورت آهي. اسان کي سنڌ جي زمينن تي والار ۽ سنڌوءَ توڙي ان جي ڀرتو ندين تي ڪوبہ ڪئنال، ڪوبہ ڊيم، ڪوبہ ڪٽ قبول نہ ڪرڻ گهرجي. اسان جا نعرا هينئن ھجڻ کپن:
ڪئنال نہ گهرجن، ڊيم نہ گهرجن،
سنڌوءَ وهندو رهندو گهرجي،
درياھ وهندو رهندو گهرجي!

By Indus worldnews

Indus World News - Voice of Indus nations, delivering unbiased news & in-depth coverage of cultural, political & social developments in the Indus region. Stay informed with reliable updates."

Discover more from Indus World News

Subscribe now to keep reading and get access to the full archive.

Continue reading